پاڪستان دهشتگردي جي سمورين شڪلين ۽ قسمن جي مذمت ڪري ٿو: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان دهشتگردي جي سمورين شڪلين ۽ قسمن جي مذمت ڪري ٿو، دهشتگردي جي خلاف زيرو ٽالرنس ۽ عالمي تعاون، اسان جي پاليسي جا بنيادي ٿنڀ آهن. پاڪستان دهشتگردي جي خلاف پهرين صف جو ملڪ آهي ۽ هن عالمي امن جي لاءِ دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن ۾ غيرمعمولي ڪردار ادا ڪيو آهي جنهن ۾ ابي گيٽ حملي جي ماسٽر مائنڊ دهشتگرد …

اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان دهشتگردي جي سمورين شڪلين ۽ قسمن جي مذمت ڪري ٿو، دهشتگردي جي خلاف زيرو ٽالرنس ۽ عالمي تعاون، اسان جي پاليسي جا بنيادي ٿنڀ آهن. پاڪستان دهشتگردي جي خلاف پهرين صف جو ملڪ آهي ۽ هن عالمي امن جي لاءِ دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن ۾ غيرمعمولي ڪردار ادا ڪيو آهي جنهن ۾ ابي گيٽ حملي جي ماسٽر مائنڊ دهشتگرد شريف الله جي گرفتاري شامل آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب عالمي طور تي مڃيل تڪراري ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي علائقي پهلگام ۾ پيش ايندڙ واقعي جي جاچ اڃا تائين غيرحتمي آهي. لشڪر طيبه جيڪا پاڪستان ۾ ڪالعدم ۽ غيرفعال تنظيم آهي، سان ڪنهن به قسم جو تعلق زميني حقيقتن جي ابتڙ آهي. پاڪستان لاڳاپيل گروهن کي موثر انداز ۾ ختم ڪيو آهي، انهن جي قيادت کي گرفتار ڪري عدالت جي ڪٽهڙي ۾ آندو آهي ۽ انهن جي ڪارڪنن کي غيرمتشدد سوچ طرف راغب ڪيو آهي. اهڙي صورت ۾ جڏهن ته اهو معاملو آمريڪا جي داخلي قانونن بابت آهي، ڀارت خاص طور تي ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي جاري خلاف ورزين سميت پنهنجي غيرذميواراڻي ۽ جارحاڻي طرز عمل سان عالمي برادري جو ڌيان هٽائڻ جي لاءِ پاڪستان جي خلاف پروپئگنڊه جي لاءِ استعمال ڪرڻ جو ٽريڪ رڪارڊ رکي ٿو. پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن ۽ ان جي خلاف موثر قدم کڻي رهيو آهي ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته اها ان عالمي خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ غيراجنبدار ۽ برابري واريون پاليسيون اختيار ڪري. ان جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. دهشتگرد تنظيم ”مجيد برگيڊ“ بي ايل اي جو عڪس آهي جنهن کي باضابطا فهرست ۾ شامل ڪرڻ گهرجي.