گهرو وزير محسن نقوي پاران جهلم ۾ ٻوڏ متاثرن کي ريسڪيو ڪندي وهڪري ۾ لڙهي ويل پوليس ڪانسٽيبل جي قربانيءَ کي خراجِ عقيدت پيش

اسلام آباد-18 جولاءِ (اي پي پي) گهرو وزير محسن نقوي جهلم ۾ ٻوڏ متاثرن کي ريسڪيو ڪندي وهڪري ۾ لڙهي ويل پوليس ڪانسٽيبل حيدر علي جي قربانيءَ کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو آهي. گهرو وزارت طرفان ڪالهه بيان موجب گهرو وزير چيو ته پنجاب پوليس جي ڪانسٽيبل حيدر علي ٻين جون زندگيون بچائيندي پنهنجي جان قربان فرض شناسيءَ جو اعليٰ مثال قائم ڪيو. محسن نقوي چيو ته شهيد ڪانسٽيبل جي …

اسلام آباد-18 جولاءِ (اي پي پي) گهرو وزير محسن نقوي جهلم ۾ ٻوڏ متاثرن کي ريسڪيو ڪندي وهڪري ۾ لڙهي ويل پوليس ڪانسٽيبل حيدر علي جي قربانيءَ کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو آهي. گهرو وزارت طرفان ڪالهه بيان موجب گهرو وزير چيو ته پنجاب پوليس جي ڪانسٽيبل حيدر علي ٻين جون زندگيون بچائيندي پنهنجي جان قربان فرض شناسيءَ جو اعليٰ مثال قائم ڪيو. محسن نقوي چيو ته شهيد ڪانسٽيبل جي قربانيءَ کي سلام پيش ڪريون ٿا. گهرو وزير چيو ته حيدر علي پنهنجي جان جي بازي لڳائي ڪيترن ئي ماڻهن جون زندگيون بچايون. هن چيو ته شهيد ڪانسٽيبل قوم جو هيرو آهي. هن چيو ته ڪانسٽيبل حيدر علي بهادريءَ جو شاندار مثال قائم ڪيو آهي. حيدر علي جي لازوال قربانيءَ کي هميشه ياد رکيو ويندو. وفاقي وزير شهيد جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ شهيد ڪانسٽيبل حيدر علي جي وارث سان گڏ آهي.