لواري ٽنل جو نارٿ پئڪيج ڊسمبر ۾ مڪمل ٿيندو: وفاقي وزير عبدالعليم خان

اسلام آباد-18 جولاءِ (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سينيٽ کي ٻڌايو آهي ته لواري ٽنل جو نارٿ پئڪيج ڊسمبر ۾ مڪمل ٿي ويندو،نشاندهي ڪئي وڃي ته ڊي آءِ خان سي پيڪ روٽ جي خراب ٿيل حصي جي تعمير ۽ مرمت بابت قدم کنيا ويندا. سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر فلڪ ناز، فوزيه ارشد، شهادت اعواڻ، پلوشه محمد زئي خان، خليل طاهر سنڌو، سينيٽر دوست محمد ۽ ٻين …

اسلام آباد-18 جولاءِ (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سينيٽ کي ٻڌايو آهي ته لواري ٽنل جو نارٿ پئڪيج ڊسمبر ۾ مڪمل ٿي ويندو،نشاندهي ڪئي وڃي ته ڊي آءِ خان سي پيڪ روٽ جي خراب ٿيل حصي جي تعمير ۽ مرمت بابت قدم کنيا ويندا. سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر فلڪ ناز، فوزيه ارشد، شهادت اعواڻ، پلوشه محمد زئي خان، خليل طاهر سنڌو، سينيٽر دوست محمد ۽ ٻين ميمبرن جي سوالن جي جواب ۾ مواصلات واري  وفاقي وزير عبدالعليم خان ايوان کي ٻڌايو ته 18.6 ڪلوميٽرن جو هڪ پيڪيج 2010ع ۾ مڪمل ٿي ويو هو جڏهن ته گڏ ئي پيڪيج جنهن جي ڊيگهه 7.3 ڪلوميٽر آهي اهو به 2020ع ۾ مڪمل ٿي ويو جڏهن ته نارٿ پيڪيج جنهن جي ڊيگهه 7.3 ڪلوميٽر آهي اهو اڃان تائين مڪمل ناهي ٿيو، ٺيڪيدارن جي پاڻ ۾ ويڙهه سبب ان منصوبي تي ڪم دير جو شڪار ٿيو ۽ عدالت به منع نامو جاري ڪيو، جڏهن ته اين ايڇ اي پنهنجن فنڊن مان هاڻي ان منصوبي تي ڪم شروع ڪرائي ڇڏيو آهي جنهن تي 480 ملين روپين جي لاڳت ايندي، ان تي ڪم جاري آهي، هي پيڪيج ڊسمبر ۾ مڪمل ٿي ويندو. هن چيو ته نشاندهي ڪئي وڃي، ڊي آءِ خان سي پيڪ روٽ جي خراب ٿيل حصي جي تعمير ۽ مرمت بابت قدم کنيا ويندا. هن چيو ته چترال جي ڪيترن ئي رستن جي حالت خراب آهي، جيڪڏهن خيبرپختونخوا، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي سياحتي ماڳن طرف ويندڙ رستا اين ايڇ اي کي ڏنا وڃن ته اسان انهن جي تعمير ۽ مرمت پاڻ ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون. وفاقي وزير چيو ته اين ايڇ اي ۾ ڊيپوٽيشن تي ايندڙ ڪنهن آفيسر کي ڊيپوٽيشن جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ سپريم ڪورٽ جي حڪم جي خلاف ورزي ڪندي ضم ڪيو ويو ته ان تي انڪوائري ڪري ايڪشن ورتو ويندو ۽ ان کي هٽايو ويندو. هن چيو ته اين ايڇ اي کي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هلندڙ سال 50 ارب روپين جو منافعو ٿيو، جيستائين روڊن لاءِ پئسا نه هوندا ته هي ڪم نٿا ڪري سگهون. هن چيو ته اين ايڇ اي جي ترقياتي منصوبن ۾ هاڻي وڌيڪ تيزي نظر ايندي ۽ جن منصوبن تي ڪم شروع نه ٿي سگهيو آهي انهن تي به ڪم شروع ڪرايو ويندو.