وزيراعظم پاران اليڪٽرڪ وهيڪل جي عام ماڻهو تائين پهچ جي لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت

اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اليڪٽرڪ وهيڪل جي عام ماڻهو تائين پهچ جي لاءِ حڪومتي سطح تي قدمن جي جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اليڪٽرڪ وهيڪلز جي حوصلا افزائي سان ٻارڻ جي مد ۾ اربين ڊالر جي قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي، ماحولياتي تحفظ ۾ مدد ۽ مقامي صنعت کي هٿي ملندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا …

اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اليڪٽرڪ وهيڪل جي عام ماڻهو تائين پهچ جي لاءِ حڪومتي سطح تي قدمن جي جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اليڪٽرڪ وهيڪلز جي حوصلا افزائي سان ٻارڻ جي مد ۾ اربين ڊالر جي قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي، ماحولياتي تحفظ ۾ مدد ۽ مقامي صنعت کي هٿي ملندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ اليڪٽرڪ وهيڪلز جي حوصلا افزائي، اليڪٽرڪ بائيڪس، رڪشه ۽ لوڊر حاصل ڪرڻ ۾ حڪومتي معاونت تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، خاص معاون هارون اختر، چيف ڪوآرڊينيٽر مشرف زيدي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم اليڪٽرڪ وهيڪل جي عام ماڻهن تائين پهچ جي لاءِ حڪومتي سطح تي قدمن جي جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت وفاق سميت سڄي ملڪ جي تعليمي بورڊز جي ٽاپرز کي اليڪٽرڪ بائيڪ فراهم ڪندي، حڪومت ترجيحي بنيادن تي روزگار جي لاءِ اهڙن ماڻهن کي اليڪٽرڪ رڪشا ۽ لوڊر فراهم ڪندي جيڪي بيروزگار آهن. هن هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ اليڪٽرڪ وهيڪلز جي تياري ۽ مينٽيننس جي لاءِ هڪ مڪمل ايڪو سسٽم جوڙڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ اليڪٽرڪ وهيڪلز جي ورڇ ۽ ان ۾ هڪومتي معاونت جي پوري طريقيڪار جي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن ڪرائي وڃي. هن حڪومت جي اليڪٽرڪ وهيڪل جي حوصلا افزائي ۽ ان ۾ حڪومتي معاونت واري اسڪيم ۾ معاشي طور تي ڪمزور طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي ترجيح ڏيڻ ۽ اليڪٽرڪ وهيڪل حاصل ڪرڻ ۾ حڪومتي معاونت جي اسڪيم بابت عوامي آگاهي مهم هلائڻ ۽ تجويز ڪيل اسڪيم ۾ ڏني ويندڙ اليڪٽرڪ بائيڪس، رڪشائن ۽ لوڊرز جي بهترين معيار ۽ انهن جي سيفٽي معيار تي پورو لهڻ کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي ملڪ ۾ اليڪٽرڪ وهيڪلز جي تياري جي حوالي سان صنعت جي موجوده صورتحال ۽ عام ماڻهو جي ان تائين پهچ جي لاءِ حڪومتي معاونت جي قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومت اليڪٽرڪ بائيڪس، رڪشا ۽ لوڊر جي گهٽ لاڳت ۽ آسان شرطن تي قرض جي ذريعي حاصل ڪرڻ ۾ معاونت جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، هڪ لک کان وڌيڪ اليڪٽرڪ بائيڪس ۽ 3 هزار کان وڌيڪ رڪشا ۽ لوڊرز جي آسان شرطن ۽ گهٽ لاڳت تي حاصل ڪرڻ ۾ عوام کي حڪومتي معاونت فراهم ڪئي ويندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ان اسڪيم تحت فيڊرل بورڊ سميت سڄي ملڪ جي تعليمي بورڊز ۾ انٽرميڊيئٽ سطح تي اعليٰ ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مفت اليڪٽرڪ بائيڪس فراهم ڪيا ويندا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ان اسڪيم ۾ عورتن جي 25 سيڪڙو خصوصي ڪوٽا رکي وئي آهي جڏهن ته آبادي جي تناسب سان باقي صوبن جي ڪوٽا رکي ويندي. وزيراعظم بلوچستان جي ڪوٽا 10 سيڪڙو تائين وڌائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ان اسڪيم سان ملڪ ۾ بيٽري ٺاهيندڙ 4 نيون ڪمپنيون پنهنجي آپريشن جي شروعات ڪري رهيون آهن جنهن سان پاڪستان ۾ نوان ڪاروباري موقعا ۽ روزگار ملندو. وزيراعظم اسڪيم جلد جاري ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.