اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سول سروس کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي لاءِ ان جي نئين سر تجديد جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سول سروس کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ عالمي سطح تي لاڳو خدمت جي معيار سان هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ …
سول سروس کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ عالمي سطح تي لاڳو خدمت جي معيار سان هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سول سروس کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي لاءِ ان جي نئين سر تجديد جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سول سروس کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ عالمي سطح تي لاڳو خدمت جي معيار سان هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ سول سروس ۾ سُڌارن بابت جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ واري وفاقي وزير احسن اقبال، اڪناڪ افيئرز ڊويزن واري وفاقي وزير احد خان چيما، وفاقي وزير علي پرويز ملڪ ۽ ٻين لاڳاپيل نمائنده سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملڪي سول سروس کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ عالمي سطح تي لاڳو عوامي خدمت جي معيار سان هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت آهي، سول سروس کي وڌيڪ فعال ڪرڻ جي لاءِ ان جي نئين سر تجديد وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته سول سروس حڪومت جي عملي ڪارڪردگي ۽ مختلف وزارتن ۽ شعبن ۾ پاليسي جي موثر عملدرآمد ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، سول سروس جي جامع ۽ موثر حڪمت عملي تحت نئين سر تجديد حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سول سروس جي انتظامي ۽ اداراجاتي سُڌارن ۾ نمائنده سرڪاري آفيسرن ۽ عوامي نمائندن جي راءِ جي شموليت کي يقيني بڻايو وڃي. اجلاس ۾ پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ واري وفاقي وزير احسن اقبال وزيراعظم کي سول سروس جي تجويز ڪيل سُڌارن تي بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته سول سروس جي ڍانچي ۾ سرڪاري آفيسرن جي ڀرتي، پروموشن، ٽريننگ ۽ موجوده اداراجاتي سڌارن ۾ اضافي جي موجوده نظام ۾ تمام گهڻي بهتري جي گنجائش آهي.











