وزيراعظم پاران نيشنل شپنگ ڪارپوريشن کي ڪارپوريٽ رخن تي قائم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت

اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيشنل شپنگ ڪارپوريشن کي ڪارپوريٽ رخن تي قائم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ٽرانزٽ ٽريڊ جي لاءِ ريلوي ۽ شپنگ شعبي جي بهتري اهميت رکي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪستان جي شپنگ سيڪٽر ۽ پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن …

اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيشنل شپنگ ڪارپوريشن کي ڪارپوريٽ رخن تي قائم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ٽرانزٽ ٽريڊ جي لاءِ ريلوي ۽ شپنگ شعبي جي بهتري اهميت رکي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪستان جي شپنگ سيڪٽر ۽ پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جي سڌارن جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن احد خان چيما، جنيد انوار چوڌري ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پاڪستان جي شپنگ سيڪٽر ۾ نجي شعبي جي سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي جي لاءِ پلان جوڙيو وڃي، پاڪستان، افغانستان، ازبڪستان ريلوي لائين سان خطي ۾ واپار جي نئين دور جي شروعات ٿيڻ وڃي رهي آهي. هن چيو ته وچ ايشيا کان واپاري سامان جي پاڪستاني بندرگاهن جي ذريعي سڄي دنيا ۾ اچ وڃ ٿيندي. اهو پاڪستاني شپنگ لائينز جي لاءِ سامان جي پهچ سان ملڪ جي لاءِ قيمتي پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ جو اهو بهترين موقعو آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پاڪستان جي فريٽ جي مد ۾ خرچ ٿيندڙ پرڏيهي ناڻي جي بچت جي لاءِ سامونڊي ٻيڙي ۾ جهازن جي انگ ۾ اضافي جي لاءِ قدم کنيا وڃن. هن سامنڊي معاملن واري وزارت ۽ پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن کي شعبي جي نئين سر سڌارن ۽ پائيدار بزنس ماڊل پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.