اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين ۾ 300 پاڪستاني گريجوئيٽس جي زرعي تربيت مڪمل ٿيڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اها هڪ هزار پاڪستاني ايگري گريجوئيٽس کي چين ۾ زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبن ۾ جديد ۽ عملي تربيت فراهم ڪرڻ جي سلسلي جي ڪڙيءَ آهي، جنهن جي شروعات جون 2024ع ۾ سندس چين جي دوري دوران ٿي …
وزيراعظم پاران چين ۾ 300 پاڪستاني گريجوئيٽس جي زرعي تربيت مڪمل ٿيڻ تي خوشي جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين ۾ 300 پاڪستاني گريجوئيٽس جي زرعي تربيت مڪمل ٿيڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اها هڪ هزار پاڪستاني ايگري گريجوئيٽس کي چين ۾ زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبن ۾ جديد ۽ عملي تربيت فراهم ڪرڻ جي سلسلي جي ڪڙيءَ آهي، جنهن جي شروعات جون 2024ع ۾ سندس چين جي دوري دوران ٿي هئي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته کيس اهو ڄاڻي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي اهي ته 300 پاڪستاني گريجوئيٽس چين جي صوبي شان زي ۾ گهٽ پاڻي جي استعمال سان آبپاشي، ٻجن جي پيداوار، جانورن جي افزائش نسل، زرعي پيداوار وڌائڻ ۽ فصل کڻڻ کانپوءِ ٿيندڙ نقصانن کان بچاءُ سميت زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي اهم شعبن ۾ تربيت مڪمل ڪري ورتي آهي. وزيراعظم ان سلسلي ۾ تعاون تي چيني قيادت، شان زي جي حڪومت ۽ اتان جي 2 يونيورسٽين جا پڻ ٿورا مڃيا جتي پاڪستاني گريجوئيٽس کي تربيت ڏني پئي وڃي. وزيراعظم قومي غذائي تحفظ واري وزارت، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ بيجنگ ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي ڪردار کي پڻ ساراهيو جن ان قدم کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ محنت ڪئي. واضح رهي ته جون 2024ع ۾ وزيراعظم جي چين جي دوري دوران هڪ هزار پاڪستانين کي زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبن ۾ جدت جي عملي تربيت جي لاءِ چين موڪلڻ جو فيصلو ٿيو هو.











