اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ پوليس موبائيل تي دهشتگرد حملي ۾ پوليس اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ملڪي سالميت کي نقصان پهچائيندڙ دهشتگردن جي ڪڌي ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهيدن جي لاءِ مغفرت جي دعا ۽ پونئيرن جي لاءِ …
وزيراعظم پاران بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ پوليس موبائيل تي دهشتگرد حملي ۾ پوليس اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ پوليس موبائيل تي دهشتگرد حملي ۾ پوليس اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ملڪي سالميت کي نقصان پهچائيندڙ دهشتگردن جي ڪڌي ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهيدن جي لاءِ مغفرت جي دعا ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر ۽ حوصلي جي دعا ڪئي ۽ زخمين کي ترجيحي بنيادن تي فوري طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته ملڪي سالميت کي نقصان پهچائيندڙ دهشتگردن جي ڪڌي ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏينداسين. وزيراعظم چيو ته حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهن.











