اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته شاليمار رڪارڊنگ ڪمپني جي بحالي جي لاءِ بزنس پلان عدالت ۾ جمع ڪرايو ويندو، ڪمپني جي 300 کان وڌيڪ ملازمن جي روزگار جي تحفظ جي لاءِ ضروري آهي ته ڪمپني بحال ٿئي، ماضي جي هڪ حڪومت غيرذميواراڻو بيان ڏئي پي آءِ اي کي اربين رپين جو نقصان پهچايو، خيبرپختونخواهه …
شاليمار رڪارڊنگ ڪمپني جي بحالي جي لاءِ بزنس پلان عدالت ۾ جمع ڪرايو ويندو: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته شاليمار رڪارڊنگ ڪمپني جي بحالي جي لاءِ بزنس پلان عدالت ۾ جمع ڪرايو ويندو، ڪمپني جي 300 کان وڌيڪ ملازمن جي روزگار جي تحفظ جي لاءِ ضروري آهي ته ڪمپني بحال ٿئي، ماضي جي هڪ حڪومت غيرذميواراڻو بيان ڏئي پي آءِ اي کي اربين رپين جو نقصان پهچايو، خيبرپختونخواهه حڪومت ۾ ڪرپشن ۽ نااهلي عروج تي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ايس آر بي سي ڪمپني جي بحالي جي لاءِ عدالت کي گذارش ڪرڻ آيا هئاسين، عدالت ۾ پنهنجو موقف پيش ڪيو آهي. هن چيو ته ڪمپني جا 300 کان وڌيڪ ملازم آهن، انهن جي روزگار جي تحفظ جي لاءِ ضروري آهي ته ڪمپني بحال ٿئي. وفاقي وزير چيو ته عدالت بزنس پلان جمع ڪرائڻ جي لاءِ حڪم جاري ڪيا آهن، ڪمپني جي بحالي جي لاءِ بزنس پلان جمع ڪرايو ويندو. هن چيو ته جيئن ته ملازمن جا پگهار اڪائونٽ ۾ اچي چڪا هئا، عدالت ليڪويڊيٽر کي هدايت ڪئي آهي ته ايس آر بي سي جي ملازمن جي پگهارن جي ادائيگي ڪئي وڃي. هن چيو ته ٻڌڻي قانون موجب ٿي رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ماضي جي هڪ حڪومت غيرذميواراڻو بيان ڏئي پي آءِ اي کي اربين رپين جو نقصان پهچايو، الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته اسان جي دور ۾ پي آءِ اي جون اڏامون يورپ ۽ برطانيا جي لاءِ بحال ٿي ويون آهن. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ نااهلي جي انتها آهي، ڪرپشن، بدانتظامي عروج تي آهي، سوات درياءَ ۾ اهي سياحن کي بچائي نه سگهيا. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ ڪرپشن جا انبار لڳل آهن.











