واپار واري وفاقي وزير پاران برمنگهم جو دورو، ڪاروباري حلقن کي پاڪستان مان باسپتي چانورن، انبن ۽ حلال سرٽيفائيڊ فوڊ مصنوعات جي امپورٽ تي غور جي ترغيب تي زور

برمنگهم-18 جولاءِ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان برطانيه جي سرڪاري دوري جي سلسلي ۾ برمنگهم ۾ هڪ مصروف ڏينهن گذاريو، جنهن جو مقصد پاڪستان ۽ برطانيه جي واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ، نئين منڊين تائين پهچ حاصل ڪرڻ ۽ برطانيه ۾ پاڪستاني روانگي واپار ۾ اضافو ڪرڻ هو. جاري ڪيل بيان موجب واپار واري وزير گريٽر برمنگهم چيمبر آف ڪامرس سان تفصيلي ملاقات ڪئي، …

برمنگهم-18 جولاءِ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان برطانيه جي سرڪاري دوري جي سلسلي ۾ برمنگهم ۾ هڪ مصروف ڏينهن گذاريو، جنهن جو مقصد پاڪستان ۽ برطانيه جي واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ، نئين منڊين تائين پهچ حاصل ڪرڻ ۽ برطانيه ۾ پاڪستاني روانگي واپار ۾ اضافو ڪرڻ هو. جاري ڪيل بيان موجب واپار واري وزير گريٽر برمنگهم چيمبر آف ڪامرس سان تفصيلي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ هن پاڪستان طرفان برطانيه جي صنعتي ضرورتن موجب پنهنجي روانگي واپار کي موزون بڻائڻ جي تياري تي زور ڀريو. هن مڊ لينڊز سان وڌندڙ واپاري ڳاڻيٽي کي ساراهيندي پاڪستان جي روايتي شعبن کان هٽي ڪري نئين اڀرندڙ صلاحيتن جهڙوڪ پروسيسڊ فوڊز، فشريز، فارما سيوٽيڪل، ليڌر گڊز، آءِ ٽي سروسز، فرنيچر، سرامڪس ۽ اسپورٽس گڊز کي اجاگر ڪيو ويو. هن برمنگهم جي ڪاروباري حلقن کي باسپتي چانورن، انبن ۽ حلال سرٽيفائيڊ فوڊ جهڙي اعليٰ معيار جي پاڪستاني شين جي امپورٽ تي غور ڪرڻ جي ترغيب ڏني. خاص طور تي هن پاڪستان کي جديد مينوفيڪچرنگ ۽ آٽوموٽو سپلائي چينز لاءِ هڪ قابل اعتماد حصيدار قرار ڏنو ۽ پاڪستان جي لاڳت موثر پيداوار، لائٽ انجينئرنگ، ميٽل فيبريڪيشن ۽ عالمي آٽوموٽو برانڊز کي پرزا فراهم ڪرڻ جي مهارت کي اجاگر ڪيو ويو. واپار واري وزير پاڪستان جي نيشنل اليڪٽرڪ وهيڪل (اي وي) پاليسي ۽ تجديد جوڳي توانائي جي قدمن تي به روشني وڌي ۽ بيٽري ٽيڪنالاجي ۽ اليڪٽرڪ ڊرائيوٽرينز جهڙن شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن جو ذڪر ڪيو جيڪي برمنگهم جي گرين موبلٽي حڪمت عملي سان هم آهنگ آهن. وفاقي وزير برمنگهم سٽي فٽبال ڪلب جو پڻ دورو ڪيو جتي هن ڪميونٽي انگيجمينٽ پروگرامز جو جائزو ورتو ۽ پاڪستان جي فٽبال انڊسٽري کي عالمي سطح تي حاصل ٿيندڙ پذيرائي تي ڳالهه ڪئي.ان موقعي تي پاڪستان جي اسپورٽس منصوعات، خاص طور تي فٽبالز جي عالمي شهرت کي اجاگر ڪيو ويو. ان کانپوءِ واپار واري وزير برطانيه جي مشهور فوڊ ڊسٽري بيوشن ڪمپني نووو جو دورو ڪيو جتي هن پاڪستاني فوڊ مصنوعات جي وڏي ريٽيلرز ۽ امپورٽ ڪندڙن سان ملاقات ڪئي. نووو برطانيه جي وڏي سپر مارڪيٽن کي مصنوعات فراهم ڪندڙ نمايان ڪمپني آهي، جيڪا پاڪستاني فوڊ برانڊز کي مين اسٽريم برطانوي مارڪيٽ ۾ آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ملاقات ۾ حلال سرٽيفائيڊ ۽ ايٿنڪ پاڪستاني فوڊ مصنوعات لاءِ واپاري سپلائي چين کي مضبوط ڪرڻ ۽ ان جي برطانوي مارڪيٽ ۾ پهچ کي سگهه ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هي ملاقاتون پاڪستان جي صنعتي حصيداري، علائقائي ويليو چينز ۽ اوورسيز پاڪستانين جي قيادت ۾ واپاري سفارتڪاري کي هٿي ڏيڻ جي عزم جي عڪاسي ڪن ٿيون ۽ پاڪستان کي برطانيه لاءِ هڪ ويليو ايڊڊ واپاري حصيدار طور پيش ڪرڻ جي حڪمت عملي جو حصو آهن.