اسلام آباد-18 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ جي اجلاس دوران ايوان کي ٻڌايو ويو ته اي او بي آءِ جي رجسٽرڊ ورڪرز جو انگ هڪ ڪروڙ 16 لک کان وڌيڪ آهي، انهن جي پينشن ۾ 15 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن واري وقفي دوران سينيٽر مسرور احسن، سينيٽر دنيش ڪمار، فوزيه ارشد، عبدالشڪور خان ۽ ٻين ميمبرن جي سوالن جي جواب ۾ قانون ۽ انصاف …
اي او بي آءِ جي رجسٽرڊ ورڪرز جو انگ هڪ ڪروڙ 16 لک کان وڌي ويو، پينشن ۾ 15 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي: مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ

مزید خبریں
اسلام آباد-18 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ جي اجلاس دوران ايوان کي ٻڌايو ويو ته اي او بي آءِ جي رجسٽرڊ ورڪرز جو انگ هڪ ڪروڙ 16 لک کان وڌيڪ آهي، انهن جي پينشن ۾ 15 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن واري وقفي دوران سينيٽر مسرور احسن، سينيٽر دنيش ڪمار، فوزيه ارشد، عبدالشڪور خان ۽ ٻين ميمبرن جي سوالن جي جواب ۾ قانون ۽ انصاف واري مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ سينيٽ کي ٻڌايو ته خودڪار طريقيڪار تحت جيئن ئي رجسٽريشن ٿيندي آهي اي او بي آءِ ڪارڊ ورڪر کي جاري ڪري ان کي ويب سائيٽ تي به اپ ڊيٽ ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته رجسٽريشن ڪرائيندڙ ڪمپنين ۽ رجسٽرڊ ورڪرز کي فراهم ڪيل سهولتن جي باري ۾ تفصيل ايوان ۾ پيش ڪيا ويندا. هن جو چوڻ هو ته اي او بي آءِ جي رجسٽرڊ ورڪرز جي پينشن ۾ 15 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. مملڪتي وزير چيو ته وزيراعظم اي او بي آءِ جي معاملن بابت هڪ ڪميٽي به قائم ڪئي آهي، اين آءِ آر سي جي معاملن کي به بهتر بڻايو ويو آهي، هاڻي گهريلو ملازمن کي به رجسٽرڊ ڪيو ويندو. هن ٻڌايو ته اي او بي آءِ جي ملڪيتي عمارتن جو انگ 49 آهي جڏهن ته 40 عمارتون مسواڙ تي حاصل ڪيون ويون آهن. هن جو چوڻ هو ته اي او بي آءِ کي صوبن جي حوالي ڪرڻ سان لاڳاپيل فيصلا ڪرڻ جو مجاز فورم گڏيل مفادن واري ڪائونسل آهي. هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين واري وزارت ۾ اوپن ميرٽ تي ڀرتيون ڪيون ويون آهن، بلوچستان جي ڪوٽا تي ڀرتي نه ٿيڻ جي حوالي سان معلومات وٺي تفصيل فراهم ڪيا ويندا.











