اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ملتان ويجهو رحمان بابا ايڪسپريس جي پٽڙي تان لهڻ واري واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي حادثي ۾ فوت ٿيندڙ مسافرن جي خاندانن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ۽ زخمي مسافرن جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل هڪ بيان موجب، صدر لاڳاپيل اختيارين …
صدر پاران ملتان ويجهو رحمان بابا ايڪسپريس جي پٽڙي تان لهڻ واري واقعي تي ڳڻتي جو اظهار، سبب ڄاڻڻ لاءِ شفاف جاچ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ملتان ويجهو رحمان بابا ايڪسپريس جي پٽڙي تان لهڻ واري واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي حادثي ۾ فوت ٿيندڙ مسافرن جي خاندانن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ۽ زخمي مسافرن جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل هڪ بيان موجب، صدر لاڳاپيل اختيارين کي متاثر مسافرن کي مدد ۽ هر ممڪن سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته حادثي جي سببن جو پتو لڳائڻ لاءِ شفاف جاچ ڪرائي وڃي.










