وفاقي گھرو وزير پنهنجي وزارت جي سمورن ذيلي ادارن مان سروس ڊليوري کي بھتر ۽ سٺن نتيجن کي حاصل ڪرڻ لاءِ جامع پلان طلب ڪري ورتو

اسلا آباد - 18 جولاءِ (اي پي پي)گھرو معاملن واري وفاقي وزير گھرو وزارت جي سمورن ذيلي ادارن وچ ۾ ڪوآرڊينيشن وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. گھرو وزير محسن نقوي انھن ادارن مان سروس ڊليوري کي بھتر ۽ سٺن نتيجن کي حاصل ڪرڻ لاءِ جامع پلان پڻ طلب ڪري ورتو آھي. گھرو وزارت مان جاري بيان مطابق اھي ھدايتون گھرو وزير محسن نقوي پنھنجي صدارت هيٺ هڪ خصوصي اجلاس دوران …

اسلا آباد – 18 جولاءِ (اي پي پي)گھرو معاملن واري وفاقي وزير گھرو وزارت جي سمورن ذيلي ادارن وچ ۾ ڪوآرڊينيشن وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. گھرو وزير محسن نقوي انھن ادارن مان سروس ڊليوري کي بھتر ۽ سٺن نتيجن کي حاصل ڪرڻ لاءِ جامع پلان پڻ طلب ڪري ورتو آھي. گھرو وزارت مان جاري بيان مطابق اھي ھدايتون گھرو وزير محسن نقوي پنھنجي صدارت هيٺ هڪ خصوصي اجلاس دوران جاري ڪيون جنھن ۾ سمورن ذيلي ادارن جا سربراھه ۽ لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي. وفاقي گھرو وزير وزارت جي سمورن ذيلي ادارن کي ٽن ڏينھن ۾ قائدن ۽ ضابطن ۾ تبديلي ۽ ضروري سفارشون پيش ڪرڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي. ھن وفاقي گھرو سيڪريٽري کي ھدايت ڪئي ته ان سلسلي ۾ آخري پلان پيش ڪيو وڃي. گھرو وزير چيو ته ذيلي ادارن وچ ۾ ڪوآرڊينيشن جي کوٽ آھي جنھن کي ھنگامي بنيادن تي بھتر بڻائڻو آھي. محسن نقوي چيو ته ڪرڪاردگي کي وڌيڪ بھتر ۽ اثرائتو بڻائڻ لاءِ سمورن ذيلي ادارن ۾ جامع آھنگي ۽ اشتراڪ کي وڌائڻ جي ضرورت آھي، ھر اداري جون ضرورتون ۽ موجود وسيلن جا تفصيل واضح ڪيا وڃن ۽ ھر ادارو ٻئي اداري جي مدد جي طريقيڪار بابت ٺوس پلان مرتب ڪري. گھرو وزير چيو ته سمورن ذيلي ادارن ۾ اثرائتن رابطن ۽ ھم آھنگي مان فائدو عوام کي ٿيندو، ھڪ ٻئي جي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو وٺي ادارن جي قابليت کي وڌئي سگھجي ٿو. اجلاس ۾ گھرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري، گھرو سيڪريٽري، ايڊيشنل سيڪريٽرين، ڊي جي ايف آءِ اي، ڪمانڊنٽ فيڊرل ڪانسٽيبلري، ڪمانڊنٽ نيشنل پوليس اڪيڊمي، ڊي جي پوليس نيشنل بيورو، ڊي جي پاسپورٽ اينڊ اميگريشن، ڊي جي نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي، ڊي جي نيشنل فرانزڪ ايجنسي، اسلام آباد جي چيف ڪمشنر، اسلام آباد پوليس جي آءِ جي، اسلام آباد جي ڊي سي، نادرا جي چيف آپريٽنگ آفيسر ۽ ڊائريڪٽر اينٽي نارڪوٽڪس فورس اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.