اسلام آباد-18 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ کي ٻڌايو ويو آهي ته ميڊيڪل ڪاليجن جي سالياني فيس 18 لک روپيا مقرر ڪئي وئي آهي، ان کان وڌيڪ فيس وٺندڙ ميڊيڪل ڪاليجز وڌيڪ رقم واپس ڪندا يا وري ايندڙ سال ۾ ايڊجسٽ ڪرڻ جا پابند هوندا. سينيٽ ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر عبدالشڪور جي سوال جي جواب ۾ قومي صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو ته هي انتهائي اهم …
ميڊيڪل ڪاليجن ۾ سالياني فيس 18 لک روپيا مقرر ڪئي وئي آهي: وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال

مزید خبریں
اسلام آباد-18 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ کي ٻڌايو ويو آهي ته ميڊيڪل ڪاليجن جي سالياني فيس 18 لک روپيا مقرر ڪئي وئي آهي، ان کان وڌيڪ فيس وٺندڙ ميڊيڪل ڪاليجز وڌيڪ رقم واپس ڪندا يا وري ايندڙ سال ۾ ايڊجسٽ ڪرڻ جا پابند هوندا. سينيٽ ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر عبدالشڪور جي سوال جي جواب ۾ قومي صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو ته هي انتهائي اهم معاملو آهي جنهن تي وزيراعظم نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي قائم ڪئي هئي، ڪيترن ئي مهينن جي ڪوششن ۽ سمورين لاڳاپيل ڌرين جي راءِ وٺڻ کانپوءِ طئي ٿيو ته ميڊيڪل ڪاليجز جي شاگرن جي فيس 18 لک روپيا مقرر ڪئي ويندي تنهن هوندي به جيڪڏهن ڪنهن ميڊيڪل ڪاليج جي انتظاميه جو موقف هجي ته ان جو معيار ٻين ميڊيڪل ڪاليجن کان بهتر آهي ته کين ان جو جواز پيش ڪرڻو پوندو، ان کانپوءِ سالياني فيس کي 25 لک روپين تائين وڌائي سگهجي ٿو، پر اهو فيصلو به ڪميٽي ئي ڪندي. هن چيو ته اهو طئي ٿيو هو ته ميڊيڪل ڪاليجز يا فيس جي رقم ريفنڊ ڪندا يا وري ايندڙ سال ۾ ايڊجسٽ ڪري وٺندا.











