نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي يو اي اي جي پرڏيهي وزير سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي پرڏيهي وزير احمد علي الصياغ سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ٻطرفي لاڳاپن ۽ اقتصادي تعاون جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ يو اي اي جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط …

اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي پرڏيهي وزير احمد علي الصياغ سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ٻطرفي لاڳاپن ۽ اقتصادي تعاون جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ يو اي اي جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ٻطرفي اقتصادي تعاون کي وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.