اسلام آباد – 17 جولاءِ– (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ افغان وزيراعظم ملا محمد حسن اخوند امن ۽ سلامتي، واپار ۽ ٽرانزٽ تعاون ۽ علائقائي رابطا ڪاري سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ٻنهي اڳواڻن گڏيل تعاون جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي رابطن کي برقرار رکڻ تي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان افغان وزيراعظم ملا محمد حسن اخوند جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 17 جولاءِ– (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ افغان وزيراعظم ملا محمد حسن اخوند امن ۽ سلامتي، واپار ۽ ٽرانزٽ تعاون ۽ علائقائي رابطا ڪاري سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ٻنهي اڳواڻن گڏيل تعاون جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي رابطن کي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان (يو اي پي) ريلوي لنگهه جي گڏيل فزيبلٽي اسٽڊي جي فريم ورڪ معاهدي جي تقريب جي موقعي تي پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار افغان وزيراعظم ملا محمد حسن اخوند سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن امن ۽ سلامتي، واپار ۽ ٽرانزٽ تعاون ۽ علائقائي رابطا ڪاري سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. 19 اپريل 2025ع تي ٿيندڙ پنهنجي گذريل ملاقات جو حوالو ڏيندي هن جاري گڏيل تعاون جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي رابطن کي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.











