اسلام آباد-17 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۾ مقرر ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوگلو چيو آهي ته پاڪستان ترڪيه وچ ۾ ڊگها تاريخي، دوستاڻا ۽ ڀائراڻا ناتا آهن ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته ٻنهي ملڪن جي نئين نسل ان تعلق کي وڌيڪ مضبوط ڪري. هو علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۽ يونس ايمري انسٽيٽيوٽ جي گڏيل سمر ڪيمپ جي پڄاڻيءَ واري تقريب ۾ مهمان طور خطاب ڪري رهيو هو. …
پاڪستان ترڪيه وچ ۾ سياسي، سفارتي ۽ معاشي ناتا وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن: ترڪيه جو سفير

مزید خبریں
اسلام آباد-17 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۾ مقرر ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوگلو چيو آهي ته پاڪستان ترڪيه وچ ۾ ڊگها تاريخي، دوستاڻا ۽ ڀائراڻا ناتا آهن ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته ٻنهي ملڪن جي نئين نسل ان تعلق کي وڌيڪ مضبوط ڪري. هو علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۽ يونس ايمري انسٽيٽيوٽ جي گڏيل سمر ڪيمپ جي پڄاڻيءَ واري تقريب ۾ مهمان طور خطاب ڪري رهيو هو. سفير جو چوڻ هو ته ٻنهي ملڪن ۾ سياسي، سفارتي ۽ معاشي ناتا وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. سمر ڪيمپ جهڙين سرگرمين سان ٻنهي ملڪن جي نئين نسل هڪٻئي ويجهو ايندي جيڪا ناتن کي مضبوط بنائڻ ۾ ڪردار ادا ڪندي. سمر ڪيمپ جي بندوبست تي ترڪ سفير يونيورسٽي ۽ يونس ايمري انسٽيٽيوٽ کي مبارڪون پيش ڪيون. ان موقعي تي خطاب ڪندي يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ناصر محمود چيو ته موجوده دؤر ۾ دوست ملڪن سان هم آهنگ ٿي هلڻ وقت جي ضرورت آهي، زبان سکڻ ۽ سمجهڻ سان ملڪ ويجهو ايندا آهن ۽ ناتا وڌيڪ مضبوط ٿين ٿا. علامه اقبال اوپن يونيورسٽي زبانن کي تمام اهميت ڏئي ٿي، اهوئي سبب آهي ته گذريل ٽن سالن کان جاپاني، روسي ۽ ترڪيه سميت ڪيترين ئي زبانن ۾ پروگرامز آڇيا پيا وڃن. ان کان علاوه سمر ڪيمپ ۾ شريڪ ٻارن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا. تقريب ۾ والدين ۽ يونيورسٽي جا فيڪلٽي ميمبر به شريڪ هئا.











