اسلام آباد-17 جولاءِ (اي پي پي) ينگ لائرز ايسوسيئشن جي 57 رڪني وفد پارليامينٽ هائوس اسلام آباد جو دورو ڪيو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري ڪيل بيان موجب سينيٽ جي اعليٰ عهديدارن وفد کي پاڪستان جي پارلياماني تاريخ، قانونسازي جي مرحلن ۽ سينيٽ جي ڪردار کان آگاهي فراهم ڪئي. وفد کي سينيٽ ميوزيم جو تفصيلي دورو ڪرايو ويو، جتي کين سينيٽ جي شروعاتي سفر، آئيني ڪردار، پارلياماني روايتن ۽ قانونسازي جي …
ينگ لائرز ايسوسيئشن جي 57 رڪني وفد جو پارليامينٽ هائوس اسلام آباد جو دورو

مزید خبریں
اسلام آباد-17 جولاءِ (اي پي پي) ينگ لائرز ايسوسيئشن جي 57 رڪني وفد پارليامينٽ هائوس اسلام آباد جو دورو ڪيو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري ڪيل بيان موجب سينيٽ جي اعليٰ عهديدارن وفد کي پاڪستان جي پارلياماني تاريخ، قانونسازي جي مرحلن ۽ سينيٽ جي ڪردار کان آگاهي فراهم ڪئي. وفد کي سينيٽ ميوزيم جو تفصيلي دورو ڪرايو ويو، جتي کين سينيٽ جي شروعاتي سفر، آئيني ڪردار، پارلياماني روايتن ۽ قانونسازي جي عمل تي هڪ جامع ڊاڪيومينٽري ڏيکاري وئي. ان موقعي تي وفد دستور گيلري جو پڻ دورو ڪيو، جتي انهن کي پاڪستان جي آئيني پس منظر، تاريخي دستاويزن ۽ اهم قومي لمحن بابت تصويري دستاويزي جهلڪ ڏيکاري وئي. بعد ۾ وفد سينيٽ اجلاس جي ڪارروائي ڏٺي جتي انهن کي قانونسازي جي طريقيڪار تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ينگ لائرز ايسوسيئيشن جي وفد ان دوري کي انتهائي فائديمند قرار ڏيندي چيو ته ان تجربي مان انهن جي قانوني ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن ۾ نمايان بهتري ايندي. وفد سينيٽ عهديدارن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته ان قسم جا سکيا وارا موقعا نوجوان وڪيلن جي بهتر رهنمائي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن.











