اسلام آباد-17 جولاءِ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي سکر – حيدرآباد موٽر وي ايم 6، نادرن باءِ پاس ايم 10 ۽ ڪاغان، ناران سميت 5 منصوبن تي ڪم تيز ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي. وزارت طرفان جاري بيان موجب مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي هدايت ڪئي ته چارئي صوبا هڪجهڙي اهميت رکندڙ آهن ۽ اين ايڇ …
موٽر وي ايم 6، ايم 10، ڪاغان، ناران شاهراهه سميت 5 ميگا منصوبن تي ڪم تيز ڪيو وڃي: عبدالعليم خان

مزید خبریں
اسلام آباد-17 جولاءِ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي سکر – حيدرآباد موٽر وي ايم 6، نادرن باءِ پاس ايم 10 ۽ ڪاغان، ناران سميت 5 منصوبن تي ڪم تيز ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي. وزارت طرفان جاري بيان موجب مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي هدايت ڪئي ته چارئي صوبا هڪجهڙي اهميت رکندڙ آهن ۽ اين ايڇ اي کي قومي ترجيحن موجب پنهنجو ترقياتي ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته هلندڙ سال بلوچستان لاءِ 100 ارب روپيا رکيا ويا آهن جنهن ۾ اين 25 سميت ٻين شاهراهن جي تعمير تي تيزي سان ڪم ٿيندو. هن چيو ته نئين موٽر ويز کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت بڻايو وڃي ۽ اهڙا منصوبا جن جو 90 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، جي تڪميل جي ڊيڊ لائين جو تعين ڪريو ته جيئن وزيراعظم ان جو افتتاح ڪري سگهي. وفاقي وزير اين ايڇ اي جي روينيو ۾ رڪارڊ اضافي کي خوش آئنده قرار ڏنو ۽ اداري کي آئنده سال جا نوان هدف ڏيندي چيو ته اين ايڇ اي کي 150 ارب روپيا پنهنجي وسيلن سان نئين شاهراهن جي تعمير تي لڳائڻا پوندا. وفاقي وزير چئني صوبن لاءِ مختلف منصوبن جي سفارشن جي منظوري ڏني، اهڙي طرح هن گلگت بلتستان لاءِ سمورن نون منصوبن کي منظور ڪندي ويڪرن روڊن، ويٽنگ ايرياز ۽ حفاظتي ڪنڊيدار تار جي تعمير جا حڪم جاري ڪيا. اين ايڇ اي جي اعليٰ سطحي اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته لاهور – قصور روڊ جو راءِ ونڊ سان ڪو به تعلق ناهي. مواصلات واري وفاقي سيڪريٽري، اين ايڇ اي چيئرمين ۽ ٻين آفيسرن اهم محڪماڻي معاملن ۽ سڄي ملڪ ۾ جاري منصوبن تي ڪم جي رفتار کان آگاهه ڪيو، جڏهن ته وفاقي وزير عبدالعليم خان نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي نئون فنانشنل پلان جوڙڻ ۽ نئين شاهراهن جي تعمير جي حوالي سان مختلف منصوبن جي فزيبلٽي بڻائڻ جو ٽارگيٽ پڻ ڏنو.











