خيبرپختونخوا جي گورنر صوبائي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪري ورتو

پشاور-17 جولاءِ (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي صوبائي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪري ورتو، گورنر هائوس پشاور مان جاري بيان موجب ڪي پي ڪي جي گورنر صوبائي اسيمبلي جو اجلاس 20 جولاءِ آچر جي صبح 9 وڳي طلب ڪري ورتو آهي، خيبرپختونخوا جي گورنر ڪي پي جي وزيراعليٰ طرفان اسيمبلي اجلاس گهرائڻ جي سمري منظوري ڏئي ڇڏي. صوبائي اسيمبلي جو اجلاس مخصوص سيٽن تي نامزد ميمبرن …

پشاور-17 جولاءِ (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي صوبائي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪري ورتو، گورنر هائوس پشاور مان جاري بيان موجب ڪي پي ڪي جي گورنر صوبائي اسيمبلي جو اجلاس 20 جولاءِ آچر جي صبح 9 وڳي طلب ڪري ورتو آهي، خيبرپختونخوا جي گورنر ڪي پي جي وزيراعليٰ طرفان اسيمبلي اجلاس گهرائڻ جي سمري منظوري ڏئي ڇڏي. صوبائي اسيمبلي جو اجلاس مخصوص سيٽن تي نامزد ميمبرن کان حلف وٺڻ لاءِ گهرايو ويو آهي، گورنر سيڪريٽريٽ طرفان خيبرپختونخوا جي وڏي وزير کي سپريم ڪورٽ جي حڪمن ۽ اليڪشن ڪميشن جي خط جي روشني ۾ اسيمبلي اجلاس گهرائڻ لاءِ سمري موڪلڻ جو چيو ويو هو.