اسلام آباد-16 جولاءِ (اي پي پي) برطانيه پاڪستان کي پنهنجي ايئر سفيٽي لسٽ مان باضابطه طور تي ڪڍي ڇڏيو آهي جنهن سان پاڪستاني فضائي ڪمپنين جي برطانيه لاءِ اڏامن تي چار سالن کان لاڳو پابندي ختم ٿي وئي آهي. اهو تاريخي فيصلو پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ فني سهڪار جو نتيجو آهي، جنهن تحت برطانوي ايئر سيفٽي ڪميٽي اهو تسليم ڪيو ته پاڪستان عالمي فضائي تحفظ جي معيارن تي ڪاميابي سان عملدرآمد ڪيو آهي. هاڻي پاڪستاني فضائي ڪمپنيون يو ڪي سول ايوي ايشن اٿارٽي کان آپريٽنگ پرمٽ حاصل ڪرڻ لاءِ درخواستون ڏئي سگهن ٿيون، جيڪو سڌي ريت اڏامن جي بحالي طرف پهريون قدم هوندو. پاڪستان ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ ان فيصلي جي آجيان ڪندي چيو ته آئون برطانيه ۽ پاڪستان جي هوابازي جي ماهرن جي ٿورائتي آهيان جن عالمي حفاظتي معيار تي پورو لهڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪيو، جيتوڻيڪ اڏامن جي بحالي ۾ ڪجهه وقت لڳندو پر جيئن ئي سمورا انتظام مڪمل ٿيندا، مون کي خوشي ٿيندي ته آئون پنهنجي خاندان ۽ دوستن سان ملڻ لاءِ پاڪستاني ايئر لائن جي اڏام استعمال ڪري سگهنديس. برطانيه جي ايئر سيفٽي ڪميٽي 2021ع ۾ پاڪستان کي پنهنجي فهرست ۾ شامل ڪيو هو، تنهن هوندي به پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي سان مسلسل رابطي ۽ سڌارن وارن قدمن سبب فلائيٽ سيفٽي پروٽوڪولز ۾ بهتري آئي جنهن جي نتيجي ۾ هاڻي اها پابندي ختم ڪئي وئي آهي.