اسلام آباد-16 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان بيجنگ پوليس ڊپارٽمينٽ جي وفد ملاقات ڪئي ۽ اسلام آباد پوليس ۽ بيجنگ پوليس وچ ۾ گڏيل سهڪار وڌائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گهرو وزارت طرفان جاري بيان موجب بيجنگ پوليس ڊپارٽمينٽ جي وفد ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل گياجنزن جي سربراهيءَ ۾ گهرو وزير سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اسلام آباد پوليس ۽ …
گهرو وفاقي وزير سان بيجنگ پوليس جي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-16 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان بيجنگ پوليس ڊپارٽمينٽ جي وفد ملاقات ڪئي ۽ اسلام آباد پوليس ۽ بيجنگ پوليس وچ ۾ گڏيل سهڪار وڌائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گهرو وزارت طرفان جاري بيان موجب بيجنگ پوليس ڊپارٽمينٽ جي وفد ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل گياجنزن جي سربراهيءَ ۾ گهرو وزير سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اسلام آباد پوليس ۽ بيجنگ پوليس وچ ۾ گڏيل سهڪار وڌائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اسلام آباد جي آفيسرن کي جديد پوليسنگ ۽ ٽيڪنالاجي جي تربيت لاءِ بيجنگ اُماڻيو ويندو. ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو ته اسلام آباد پوليس جا آفيسر بيجنگ پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ تربيتي ڪورس ڪندا. ملاقات ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اسلام آباد پوليس جا آفيسر بيجنگ ۾ پوليس نظام جي بهتريءَ لاءِ آرٽيفشل انٽيليجنس جي به ٽريننگ وٺندا. وفاقي وزير ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته بيجنگ ۾ جديد تربيت سان اسلام آباد پوليس جي سگهه ۾ واڌ ٿيندي، اسلام آباد پوليس ۽ بيجنگ پوليس ڊپارٽمينٽس هڪ ٻئي جي تجربن مان ڀرپور فائدو کڻي سگهن ٿا. گهرو وزير چيو ته بيجنگ پوليس هڪ انتهائي فعال ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس فورس آهي، امن قائم ڪرڻ ۽ ڏوهن جي خاتمي ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال ۾ بيجنگ جو سهڪار اسلام آباد پوليس لاءِ انتهائي فائديمند ثابت ٿيندو. محسن نقوي چيو ته بيجنگ پوليس طرفان اسلام آباد پوليس کي اينٽي رائٽ ۾ پڻ تربيت فراهم ڪرڻ جي آجيان ڪنداسين. دهشتگردي، منظم ڏوهه، منشيات ۽ اسمگلنگ کي مُنهن ڏين لاءِ ڄاڻ جي وقت سر ڏي وٺ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. وفد ۾ چين جي پبلڪ سيڪيورٽي جي وزارت جي ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل لي يوهانگ ۽ بيجنگ پوليس ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽرز هي زن، فينگ وي ۽ هوجمن شامل هئا. ان موقعي تي گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري، گهرو وفاقي سيڪريٽري، ڊي جي ايف آءِ اي، ڪمانڊنٽ نيشنل پوليس اڪيڊمي، چيف ڪمشنر اسلام آباد، آءِ جي اسلام آباد پوليس ۽ ڊي سي اسلام آباد پڻ موجود هئا.











