نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي چين جي پرڏيهي وزير سان ملاقات

تيانجن – 16 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار تيانجن ۾ ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ايس سي او جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي ڪامياب انعقاد تي وانگ …

تيانجن – 16 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار تيانجن ۾ ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ايس سي او جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي ڪامياب انعقاد تي وانگ يي کي مبارڪباد ڏني ۽ چيني قيادت پاران گرمجوشي سان استقبال تي ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي اهم شعبن جنهن ۾ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) ۽ ڊگهي مدي واري تعاون تي جامع خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسٽريٽجڪ تعاون جي حصيداري جي ڪري مضبوط گڏيل لاڳاپن تي زور ڏيندي هن مختلف شعبن ۾ جاري ويجهي پاڪ چين تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي ڌرين علائقائي امن، استحڪام ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں