اسلام آباد - 13 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف هڪ ئي ملڪ ۾ ٻه مختلف پاليسيون نٿيون ٿي سگهن، وفاقي حڪومت خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) ۽ صوبائي حڪومت سان ڪيترائي ڀيرا ڳالهه ٻولهه جي ذريعي متفقه حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن ته وڏو وزير …
دهشتگردي جي خلاف هڪ ئي ملڪ ۾ ٻه مختلف پاليسيون نٿيون ٿي سگهن: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد – 13 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف هڪ ئي ملڪ ۾ ٻه مختلف پاليسيون نٿيون ٿي سگهن، وفاقي حڪومت خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) ۽ صوبائي حڪومت سان ڪيترائي ڀيرا ڳالهه ٻولهه جي ذريعي متفقه حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن ته وڏو وزير ان تي راضي نه ٿيو، گذريل 6 سالن ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ اٽڪل 11 سيڪڙو اضافو ٿيو، 2025ع ۾ دهشتگردي جا 3774 واقعا رپورٽ ٿيا جڏهن ته سيپٽمبر 2026ع تائين هلندڙ سال دوران 2857 واقعا پيش اچي چڪا آهن، هن سوال اٿاريو ته قومي مالياتي ڪميشن (اين ايف سي) تحت خيبرپختونخواهه حڪومت کي فراهم ڪيل اٽڪل 800 ارب رپيا ڪٿي خرچ ٿيا؟ اهي وسيلا دهشتگردي جي خاتمي جي اداري، سيف سٽي ڪئميرائن، فرانزڪ ليبارٽرين ۽ پوليس کي جديد اوزارن جي فراهمي تي ڇو نه ڪيا ويا؟ خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردي جي ڪري عوام، خاص طور تي پوليس کي وڏو جاني نقصان کڻڻو پيو جڏهن ته صوبي ۾ حڪمراني ۽ بنيادي عوامي خدمتن جي فراهمي جو نظام بري طرح متاثر ٿيو، خيبرپختونخواهه جي نئين مشاورتي ڪائونسل ۾ دهشتگردي جو ڪو همدرد نه آهي، ان جا ميمبر تعليمي قابليت، پيشيواراڻي اهليت ۽ عوامي خدمت جي تجربي جي لحاظ کان قابل ۽ تجربيڪار آهن. قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان گڏ پرڏيهي ميڊيا جي نمائندن کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ ۽ خيبرپختونخواهه حڪومت سان دهشتگردي جي خلاف قدمن تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي ڀيرا ڳالهه ٻولهه جي ڪوشش ڪئي، اسان جي رڳو هڪ غيرسياسي ايجنڊا هئي ته دهشتگردي جي خلاف متحده ۽ متفقه پاليسي اختيار ڪئي وڃي، پي ٽي آءِ پنهنجو مارچ جاري رکي سگهي پئي ۽ پنهنجا ٻيا سياسي مطالبا به پيش ڪري سگهي پئي جڏهن ته وفاقي حڪومت چاهيو پئي ته دهشتگردي جي خلاف پوري قوم ۽ سموريون لاڳاپيل حڪومتون هڪ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪن. هن چيو ته ملڪ ۾ اهڙي حڪومت نه ٿي ٿي سگهي جيڪا دهشتگردن سان همدرديءَ ۽ انهن جي حمايت ڪري ۽ اهڙيون پاليسيون اختيار ڪري جن سان دهشتگردن کي پنهنجون ڪارروايون ۽ سرگرميون جاري رکڻ جو موقعو ملي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هڪ ملڪ جون ٻه پرڏيهي پاليسيون نه ٿيون ٿي سگهن، هڪ طرف پاڪستان افغانستان جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتي ڪوششون ڪري رهيو آهي ۽ مطالبو ڪري ٿو ته اتي دهشتگردن جون محفوظ پناهگاهون ختم ڪيون وڃن ۽ عبوري حڪومت اعتبار جوڳا قدم کڻي ته جيئن افغان سرزمين پاڪستان جي اندر دهشتگرد حملن جي لاءِ استعمال نه ٿئي جڏهن ته ٻئي طرف صوبائي حڪومت جي عبوري افغان حڪومت بابت جدا پاليسي آهي. هن سوال ڪيو ته دهشتگردي جي خلاف هڪ ئي ملڪ ۾ ٻه مختلف پاليسيون ڪيئن ٿي سگهن ٿيون؟ هن چيو ته آئين سازن ائين ۾ لاڳاپيل شقون اهڙين ئي حالتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ شامل ڪيون هيون تنهن ڪري کنيل قدم 1973ع جي آئين تحت قانوني طور تي صحيح آهن. عطاءُ الله تارڙ چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ حڪمراني جو نظام مفلوج ٿي چڪو هو ۽ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب هئي، اهڙا قابل اعتماد اطلاع موجود آهن ته جن علائقن ۾ دهشتگرد سرگرم آهن اتي ٻين سياسي پارٽين جي نمائندن کي محفوظ گذرڻ جي اجازت نه هئي جڏهن ته پي ٽي آءِ جو مارچ انهن علائقن مان دهشتگردن تنظيمن سان رابطن کانپوءِ گذريو ۽ ان کي محفوظ رستو فراهم ڪيو ويو. هن سوال ڪيو ته ائين ڪيئن ممڪن ٿيو؟ وفاقي وزير چيو ته دهشتگردي جي سرگرمين ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي جڏهن ته دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قومي مالياتي ڪميشن جي ذريعي خيبرپختونخواهه حڪومت کي هيستائين اٽڪل 800 ارب رپيا فراهم ڪيا ويا آهن، هن سوال اٿاريو ته ايتري وڏي رقم دهشتگردي جي خاتمي جي اداري (سي ٽي ڊي) کي موثر بڻائڻ، سيف سٽي ڪئميرا هڻڻ، پرتشدد انتهاپسندي جي خلاف موثر بيانيو جوڙڻ، فرانزڪ ليبارٽري قائم ڪرڻ ۽ پوليس کي جديد اوزار فراهم ڪرڻ تي ڇو خرچ نه ڪئي وئي؟ هن ٻڌايو ته ڪجهه هفتا اڳ هن ڪوهاٽ جو دورو ڪيو جتي دهشتگردي جو واقعو پيش آيو هو، هن اسپتال ۾ زخمين سان ملاقات ڪئي ۽ شهيدن جي گهرن تي به ويو. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي عوام هر ممڪن طريقي سان دهشتگردي جو خاتمو چاهي ٿي، شديد مشڪلاتن ۽ تڪليفن جي باوجود زخمين جو عزم ۽ حوصلي ۾ ڪا گهٽتائي نه هئي، جڏهن ته دهشتگردي انهن جي زندگين ۽ روزگار کي بري طرح متاثر ڪيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته طالبان جو پيش ڪيل اسلام حقيقي اسلام سان ڪو تعلق نه ٿو رکي، طالبان خيبرپختونخواهه ۾ اهڙو نظام چاهي ٿو جنهن ۾ عورتن کي تعليم حاصل ڪرڻ جو حق نه ڏنو وڇي ۽ اهو ئي اهو نظريو آهي جنهن کي فروغ ڏنو پيو وڃي. هن سوال ڪيو ته عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ۽ صوبي ۾ امن امان برقرار رکڻ جي ذميوار حڪومت دهشتگردن سان گڏجي انهن جي سرگرمين کي ڪيئن فروغ ڏئي سگهي ٿي؟ هن چيو ته صوبي ۾ سياست، دهستگردي ۽ ڏوهن جي وچ ۾ ڳٺ جوڙ موجود هو، کاڻين جي کوٽائي، معدنيات، ڪاٺ، تماڪ، سون ۽ قيمتي پٿرن جي واپار جو جائزو ورتو وڃي ته سرحد پار اسمگلنگ جاري نظر اچي ٿي ۽ انهن سرگرمين ۾ دهشتگردن کي مبينا طور تي حڪومتي سرپرستي ۽ سهولت فراهم ڪئي ويندي رهي. عطاءُ الله تارڙ ٻڌايو ته ڪوهاٽ ويندي رستي ۾ هڪ پيٽرول پمپ تي وزيراعظم جي فيول ريليف اسڪيم تحت ٿيندڙ رجسٽريشن جو جائزو ورتو ته اتي اڪثر موٽرسائيڪلن ۽ گاڏين جي رجسٽريشن ئي نه هئي. هن سوال ڪيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت گذريل ساڍا 13 سالن دوران انهن گاڏين جي رجسٽريشن ڇو نه ڪئي؟ ان جو سبب دهشتگردن سان مبينا ڳٺ جوڙ، بدعنواني، غيرقانوني واپار ۽ اسمگلنگ هو. سندس چوڻ هو ته اهي سرگرميون هڪ ئي وقت جاري رهيون ۽ حڪمراني جو نظام مڪمل طور ناڪام ٿي ويو. هن چيو ته صوبي ۾ نه تعليم جي شعبي ۾ سڌارا ٿيا، نه صحت جي شعبي ۾ خاطرخواهه بهتري آئي ۽ نه ئي عوام کي بنيادي سرڪاري خدمتون فراهم ڪيون ويون، صوبي جي عوام تمام گهڻيون مشڪلاتون برداشت ڪيون آهن ۽ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان دهشتگردي جي خلاف جنگ وڙهي رهي اهي، هو ان جنگ کي کٽڻ چاهين ٿا پر ٻئي طرف اهڙي حڪومت موجود هئي جنهن جي پاليسين ۽ قدمن جي نتيجي ۾ دهشتگردن کي کليل ڇوٽ ملندي رهي خاص تي ڏاکڻي ضلعن ۾ دهشتگرد غيررسمي طور تي انتظامي ڍانچي جو حصو بڻيل هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته صوبائي حڪومت دهشتگردن جي خلاف قانون موجب ڪارروائي جي لاءِ تيار نه هئي، ڪيترن ئي موقعن تي صوبائي حڪومت پاران دهشتگردن جي لاءِ همدرديءَ جو اظهار ساامهون آيو، وفاقي حڪومت انهن کي سمجهائڻ ۽ دليل جي ذريعي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ آخرڪار هڪ معاهدي تي اتفاق به ٿي ويو هو جڏهن ته وڏي وزير ان کي رد ڪري ڇڏيو، وڏو وزير دهشتگردي جي خلاف پاليسي ۽ ڪارروائي جي لاءِ تيار نه هو ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي ٺوس پاليسي لاڳو ڪرڻ تي به راضي نه ٿيو. هن چيو ته ملڪ ۾ قومي ايڪشن پلان موجود آهي ۽ ان سلسلي ۾ اعلى سطحي ڪميٽين جا اجلاس به منعقد ٿين ٿا، جڏهن ته سوال اهو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ انهن اعلى سطحي اجلاسن جي انعقاد کان پاسو ڇو ڪيو ويو؟ ان معاملي ۾ واضح ٽڪراءُ موجود آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن خيبرپختونخواهه جي عوام پي ٽي آءِ حڪومت جي مبينا دهشتگردي جي حامي موقف جي حمايت ڪري ها ته لکين ماڻهو رستن نڪرن ها؟ پي ٽي آءِ حڪومت جي ترجمانن دعوى ڪئي هئي ته گورنر راڄ يا ايمرجنسي لاڳو ٿيڻ جي صورت ۾ لکين ماڻهو رستن تي نڪري ايندا ۽ گورنر هائوس جو گهيراءُ ڪندا، جڏهن ته اهي هڪ درجن ماڻهن کي به ٻاهر نه آڻي سگهيا. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي عوام ان قدم جي آجيان ڪئي آهي ۽ انهن کي اميد پيدا ٿي آهي ته هاڻي انهن جون حالتون بهتر ٿينديون، انهن کي تحفظ فراهم ڪيو ويندو ۽ انهن جي جان ۽ مال ۽ روزگار محفوظ ٿيندا، عوام کي يقين آهي ته سياست، دهشتگردي ۽ ڏوهن جي مبينا ڳٺ جوڙ جو خاتمو ڪيو ويندو. عطاءُ الله تارڙ اڳوڻي صوبائي ڪابينا ۽ نئين جوڙيل ڪابينا جي ميمبرن جي قابليت ۽ تجربي جو جائزو پيش ڪندي چيو ته ٻنهي ۾ واضح فرق آهي. هن ٻڌايو ته گهرو معاملن جو صلاحڪار ڪفايت الله خان جيلن جو اڳوڻو انسپيڪٽر جنرل آهي ۽ خيبرپختونخواهه ۾ خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي. طارق محمود پاشا ملڪ جي بهترين سول سرونٽس ۾ شمار ٿئي ٿو جڏهن ته اڳوڻو ايڊووڪيٽ جنرل عامر جاويد قانون جو صلاحڪار آهي ۽ قانون ۽ عدالتي معاملن ۾ وسيع تجربو رکي ٿو. هن چيو ته ڊاڪٽر سيد عامر عبدالله نيدرلينڊ مان عالمي لاڳاپن ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي آهي. پاڪستان آرمي جي پهرين عورت ليفٽيننٽ جنرل ۽ اڳوڻي سرجن جنرل ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ نگار جوهر صحت جي شعبي جي صلاحڪار اهي، ڊاڪٽر سرفراز علي شاهه منصوبابندي ۽ ترقي ۽ مواصلات ۽ تعميرات جي شعبن ۾ اڳوڻو صلاحڪار رهي چڪو آهي. وفاقي وزير ٻڌايو ته ڊاڪٽر محمد ارشاد هلال احمر پاڪستان جي بورڊ جو ميمبر، ايف بي آر جو اڳوڻو چيئرمين ۽ ماليات ۾ پي ايڇ ڊي رکي ٿو، آصف رفيق آفريدي اڳوڻو نگران صوبائي وزير رهي چڪو آهي جڏهن ته محمد طيب قريشي خيبرپختونخواهه جو چيف خطيب آهي ۽ دهشتگردي جي خلاف هڪ متوازن، موثر ۽ واضح آواز جي طور تي سڃاتو وڃي ٿو. هن چيو ته توانائي جي شعبي ۾ صلاحڪار عثمان سيف الله خان آهي جيڪو جي آءِ جي انسٽيٽيوٽ جي بورڊ آف گورنر جو ميمبر ۽ اڳوڻو سينيٽر آهي، کيس سرڪاري ۽ نجي ٻنهي شعبن جو وسيع تجربو حاصل آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته ثمر هارون بلور موجوده قومي اسيمبلي ميمبر آهي ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي ميمبر پڻ رهي چڪي آهي، هو اهڙي خاندان سان تعلق رکي ٿي جنهن دهشتگردي جي نتيجي ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، هن پنهنجي سهري ۽ بعد ۾ پنهنجي گهرواري کي وڃايو، بلور خاندان اهڙيون قربانيون ڏنيون آهن جن جو تصور ڪرڻ به مشڪل آهي. هن ثمر هارون بلور کي بهادر ۽ باهمت عورت قرار ڏيندي چيو ته هو مسلسل دهشتگردي جي خلاف آواز اٿاريندي رهي آهي ۽ ان ۾ دهشتگردن جي خلاف موثر بيانيو جوڙڻ جو عزم ۽ حوصلو موجود آهي، ذاتي زندگي ۾ وڏا صدما برداشت ڪرڻ جي ڪري هوءَ ان ٽيم ۾ بهترين اضافو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نئين ڪابينا ۾ دهشتگردي جو ڪو همدرد نه ملندو، ان جي ميمبرن جي تعليمي قابليت، پيشيواراڻي اهليت، صلاحيت ۽ عوامي خدمت جو تجربو سڀني جي سامهون آهي، سمورا ميمبر پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ قابل ۽ تجربيڪار آهن ۽ ٻنهي ڪابينا جي وچ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. دهشتگردي جي واقعن ۽ پوليس جي قربانين جو ذڪر ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي خيبرپختونخواهه حڪومت سياست، دهشتگردي ۽ ڏوهن جي مبينا ڳٺ جوڙ کي ٽوڙڻ ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ وڙهڻ جي لاءِ تيار نه هئي، صوبائي حڪومت خيبرپختونخواهه پوليس کي دهشتگردن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي ڏنو هو. هن چيو ته گذريل 6 سالن ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ اٽڪل 11 سيڪڙو اضافو ٿيو، 2025ع ۾ دهشتگردي جا 3774 واقعا پيش آيا جيڪي هيستائين جو سڀ کان وڏو انگ آهي جڏهن ته سيپٽمبر 2026ع تائين هلندڙ سال دوران 2857 واقعا پيش اچي چڪا آهن. هن چيو ته گذريل 5 سالن دوران دهشتگردي جا 6924 ڪيس داخل ٿيا. وفاقي وزير دهشتگردي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ فوتگين جا انگ اکر بيان ڪندي چيو ته 2026ع ۾ فوتگين جو انگ 2775 آهي جڏهن ته 2025ع ۾ 3512 ماڻهن حياتيون وڃايون. هن ٻڌايو ته مارچ 2024ع کان سيپٽمبر 2026ع تائين جي 31 مهينن دوران دهشتگردي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ فوتگين ۾ 113.7 سيڪڙواضافو ٿيو ۽ ان عرصي ۾ مجموعي طور تي 8442 کان وڌيڪ فوتگيون ٿيون. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف پهرين صف ۾ وڙهندڙ خيبرپختونخواهه پوليس کي سڀ کان وڌيڪ نقصان کڻڻو پيو ۽ پوليس کي نشانو بڻائڻ جي واقعن ۾ 168 سيڪڙو اضافو ٿيو. هن هڪ ٻار جي دل ڌوڏيندڙ وڊيو جو ذڪر ڪيو جيڪو پنهنجي والد جي قبر تي بيهي ان جي قرباني کي خراج تحسين پيش ڪري رهيو هو. هن چيو ته اهو ٻار هڪ ديانتدار ۽ ناليواري ڊي ايس پي شنواري جو پٽ هو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته انهن متاثرين جي خون جو ذميوار ڪير آهي؟ هن ان صورتحال کي صوبائي حڪومت جي مبينا بي عملي، نااهلي ۽ ذميواري قبول ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ جو نتيجو قرار ڏنو. وفاقي وزير چيو ته هڪ طرف صوبائي حڪومت تي دهشتگردن جي حمايت ۽ انهن کي سهولت فراهم ڪرڻ جا الزام آهن جڏهن ته ٻئي طرف پوليس کي وڏو جاني نقصان برداشت ڪرڻو پيو. هن چيو ته صوبائي حڪومت پوليس اهلڪارن کي ضروري اوزار فراهم نه ڪيا ۽ نه ئي انهن جي مناسب تربيت جو انتظام ڪيو. هن ٻڌايو ته وڏي دهشتگرد حملن جو انگ 1364 رهيو، پوليس اهلڪارن جي شهادتن جو انگ 1532 رهيو جڏهن ته پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي مجموعي نقصانن ۾ 62 سيڪڙو حصو انهن ادارن جو هو. وفاقي وزير چيو ته گذريل ٻن سالن ۾ پوليس جي 18 ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو ۽ ديسي ساخطته ڌماڪيدار اوزار (آءِ اي ڊيز) جي استعمال ۾ 30 سيڪڙو اضافو ٿيو، ڌماڪيدار مواد جي بنا روڪ ٽوڪ چرپر جاري رهي ۽ گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن جي رجسٽريشن نه ڪئي وئي، جيڪڏهن رجسٽريشن جو موثر نظام موجود هجي ها ته گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن جي چرپر جو سراغ لڳائڻ ۽ نگراني ڪرڻ ممڪن ٿئي ها. وفاقي وزير چيو ته صوبي ۾ حڪمراني جو نظام مڪمل طور تي مفلوج هو ۽ پي ٽي آءِ جي خيبرپختونخواهه حڪوتم جو دهشتگردن سان مبينا ڳٺ جوڙ هو، صوبائي حڪومت دهشتگردن جي حمايت ڪري ٿي ۽ انهن کي شهرين جي خلاف حملن ۾ سهولت فراهم ڪري ٿي جڏهن عوام جي حفاظت ذميوار حڪومت پاڻ مسئلي جو حصو بڻجي وڃي ۽ دهشتگردن جي حمايت ڪري ته رياست وٽ پنهنجا آئيني اختيار استعمال ڪرڻ کانسواءِ ڪو رستو باقي نه ٿو رهي. عطاءُ الله تارڙ ٻڌايو ته خيبرپختونخواهه جي 12 ضلعن جي لاءِ هڪ علائقائي نمائندو ۽ ترقياتي ڪائونسل قائم ڪئي ويندي، ان ڪائونسل ۾ چيئرمين، وائيس چيئرمين، ميمبر ۽ ترجمان شامل هوندا جڏهن ته هڪ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري به مقرر هوندو. هن ٻڌايو ته يحى آخونزاده ايڊمنسٽريٽر جي حيثيت سان ذميواريون سرانجام ڏيندو. هن چيو ته ان انتظامي نظام تحت مختلف ڊائريڪٽر جنرلز ۽ پوليس جي لاءِ هڪ ايڊيشنل انسپيڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويندو، ان کانسواءِ قانون لاڳوڪ ندڙ ادارن، منشيات جي خاتمي، قانوني معاملن، قبائلي معاملن ۽ انساني حقن بابت شعبا قائم ٿيندا. بجيٽ، بورڊ آف روينيو ۽ ٻين لاڳاپيل انتظامي معاملن جي لاءِ پڻ شعبا هوندا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪائونسل ۾ علائقائي ۽ قبائلي نمائندگي جو توازن برقرار رکيو ويندو ته جيئن مقامي ماڻهن کي ان نظام ۾ شموليت ۽ ملڪيت جو احساس ٿئي، ان انتظام جي ذريعي خيبرپختونخواهه ۾ ترقياتي مسئلن ۽ امن امان بابت معاملن کي موثر انداز ۾ حل ڪري سگهبو. هن چيو ته نئون انتظامي نظام نئين اميد سان سامهون آيو آهي، ان جي ذريعي اڳ ۾ امن امان برقرار رکڻ ۽ ان جي نتيجي ۾ خيبرپختونخواهه ۾ ترقي جو عمل اڳتي وڌاڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي، صوبي جي عوام خوشحالي ۽ ترقي سان ڀرپور زندگي گذارڻ جي قابل ٿيندي جنهن جي هو حقيقي معنى ۾ حقدار آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ عطاءُ الله تارڙ چيو ته دهشتگرد هن وقت مايوسي جو شڪار آهن ڇو ته اهو ماحول جنهن ۾ انهن کي خيبرپختونخواهه جي پي ٽي آءِ حڪومت سان گڏ رهندي سرگرميون جاري رکڻ جو موقعو ميسر هو هاڻي ختم ٿي چڪو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته دهشتگرد ماضي وانگر گڏ ٿي ڪارروايون ڪرڻ جي جرئت نه ڪري سگهندا ۽ نئون انتظامي نظام دهشتگردي جي خاتمي جي قدمن ۾ نمايان بهتري آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيندو. هن چيو ته اهڙا ٺوس ثبوت موجود آهن ته پي ٽي آءِ جا ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) سان رابطا هئا. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن بشمول پاڪ فوج دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اڻٿڪ قربانيون ڏنيون آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سندس اباڻي شهر ۾ تازو ئي نوجوان ڪيپٽن ابوذر وڙائچ جي ميت وصول ڪئي وئي جنهن کي گوجرانوالا ضلعي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، هو ڪجهه هفتا اڳ ٽانڪ ۾ شهيد ٿيو هو. هن چيو ته پاڪ فوج جا اهلڪار ۽ آفيسر دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ شهيد ۽ زخمي ٿي رهيا آهن، سوال اهو آهي ته خيبرپختونخواهه حڪومت کي انهن جي جنازن ۾ شرڪت ڪرڻ کان ڪهڙي شيءَ روڪي رهي هئي؟ ڇا اهو دهشتگردن کي اهو پيغام نه هو ته انهن قربانين کي اهميت نه پئي ني وڃي؟ عطاءُ الله تارڙ چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي شهيدن، جوانن ۽ آفيسرن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ۽ خيبرپختونخواهه پوليس جا شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ گهرجي جيڪي صوبائي حڪومت جي حمايت کانسواءِ پهرين صف ۾ رهي ان جنگ ۾ وڙهندا رهيا آهن. هن چيو ته هو پاڻ شهيدن جي گهرن ۾ وڃي چڪو آهي ۽ انهن جي گهرڀاتين سان ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ آسان ناهي هوندو. هن چيو ته صوبائي حڪومت شهيدن جي پونئيرن جي نقصان تي افسوس ۽ همدرديءَ جا ڪجهه لفظ چوڻ جي به زحمت گوارا نه ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڏک هر جڳهه گڏيل هوندو آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ پاران جوڙي ويندڙ بيانيي جو رخ دهشتگردن جي حق ۾ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي خلاف هو، ان بيانيي جو مقصد دهشتگردن کي زميني سطح سان گڏوگڏ بيانيي جي محاذ تي به مضبوط بڻائڻ هو. هن چيو ته تمام جلد پي ٽي آءِ ۽ ٽي ٽي پي جي وچ ۾ رابطي جا ثبوت فراهم ڪيا ويندا جن جو سراغ لڳايو ويو آهي، اهو ڪو راز نه آهي ته پي ٽي آءِ جا اڳواڻ ڪالعدم ٽي ٽي پي سان رابطي ۾ رهيا آهن جڏهن ته وفاقي حڪومت شروع کان ئي ڪالعدم ٽي ٽي پي جي خلاف آواز اٿاريندي آئي آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي، عوامي نيشنل پارٽي ۽ جمعيت علماءِ اسلام سميت سمورين سياسي پارٽين دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قربانيون ڏنيون آهن ۽ دهشتگردن جي هٿان نقصان کنيو آهي، جڏهن ته ان مخصوص سياسي پارٽي بابت منهنجو موقف آهي ته اها دهشتگردن سان مليل آهي، ان سدائين ٽي ٽي پي جي بي ٽيم جو ڪردار ادا ڪيو آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته قانوني ڪيسن جي حوالي سان نئين مشاورتي ڪائونسل کي مڪمل اختيار حاصل آهي ۽ ان کي قانوني طور تي مينڊيٽ به حاصل آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت جي مبينا ڏوهن جي فهرست ڊگهي آهي جڏهن ته احتساب جو طريقيڪار ڇا هوندو ۽ ان جو دائرو ڪهڙن شعبن تائين ڦهلايو ويندو، ان جو فيصلو ڪرڻ نئين مشاورتي ڪائونسل جو اختيار آهي.










