خيبرپختونخواهه ۾ ايمرجنسي لاڳو ٿيڻ کانپوءِ ڪو وڏو احتجاج ڏسڻ ۾ آيو: بئريسٽر دانيال چوڌري

اسلام آباد - 13 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ ايمرجنسي لاڳو ٿيڻ کانپوءِ نه ڪو وڏو احتجاج ڏسڻ ۾ آيو ۽ نه ئي رستن تي اها هنگامي آرائي نظر آئي جنهن جو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي، جڏهن ته ان جي ابتڙ ماڻهن کي شڪراني جو ڏهاڙو ملهائيندي، مٺايون ورهائيندي ۽ معمولات زندگي جاري …

اسلام آباد – 13 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ ايمرجنسي لاڳو ٿيڻ کانپوءِ نه ڪو وڏو احتجاج ڏسڻ ۾ آيو ۽ نه ئي رستن تي اها هنگامي آرائي نظر آئي جنهن جو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي، جڏهن ته ان جي ابتڙ ماڻهن کي شڪراني جو ڏهاڙو ملهائيندي، مٺايون ورهائيندي ۽ معمولات زندگي جاري رکندي ڏٺو ويو. اڱاري ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ “ايڪس” تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي سوشل ميڊيا کي زميني حقيقتون هضم نه ٿي رهيون آهن، ان لاءِ جعلي وڊيوز ڦهلائي عوام کي گمراهه ڪرڻ ۽ حالتن کي وڌائي چڙهائي پيش ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن.

مزید خبریں