اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب پاڪستان پاران جي 24 جي ايندڙ چيئر جي حيثيت سان گروپ جي اجتماعي اثر و رسوخ کي مضبوط بڻائن ۽ اسرندڙ معيشتن جي مفادن کي هٿي وٺائڻ لاءِ موثر ڪردار ادا ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. هن اها ڳالهه اڱاري تي بينڪاڪ ۾ عالمي بينڪنگ گروپ ۽ عالمي مالياتي فنڊ جي سالياني …
پاڪسان جي 24 جي ايندڙچيئر جي حيثيت سان گروپ جي اجتماعي اثر و رسوخ کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب

مزید خبریں
اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب پاڪستان پاران جي 24 جي ايندڙ چيئر جي حيثيت سان گروپ جي اجتماعي اثر و رسوخ کي مضبوط بڻائن ۽ اسرندڙ معيشتن جي مفادن کي هٿي وٺائڻ لاءِ موثر ڪردار ادا ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. هن اها ڳالهه اڱاري تي بينڪاڪ ۾ عالمي بينڪنگ گروپ ۽ عالمي مالياتي فنڊ جي سالياني اجلاس 2026ع جي موقعي تي ناڻي وارن وزيرن ۽ مرڪزي بينڪن جي گورنرز جي اجلاس ۾ جي 24 جي فرسٽ وائيس چيئر جي حيثيت سان خطاب ڪندي چئي. ناڻي واري وزير پنهنجي خطاب ۾ اسرندڙ معيشتن کي درپيش عالمي سطح تي ورهائڻ سبب واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ رڪاوٽن، موسمياتي تبديلين جي ناڪاري اثرن سان ترقياتي ڪاميابين کي پهچندڙ نقصانن، سخت مالياتي حالتن ۽ مالي وسيلن جي وڌندڙ کوٽ جهڙين چئلينجز ۽ مسئلن تي تفصيل سان روشني وڌي. ناڻي واري وزير، جي 24 جي ايندڙ چيئر جي حيثيت سان گروپ جي اجتماعي اثر و رسوخ کي مضبوط بڻائڻ ۽ اسرندڙ معيشتن جي مفادن کي هٿي ڏيڻ لاءِ موثر ڪردار ادا ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ناڻي واري وزير زور ڀريو ته عالمي مالياتي نظام ۾ سڌارن کي انهن چئلينجز موجب اڳيان وڌائڻ وقت جي ضرورت آهي. ناڻي واري وزير ڏکين سڌارن تي عمل ڪندڙ اهڙن ملڪن کي وقت سر مدد فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي به زور ڀريو جيڪي اهڙين پرڏيهي حالتن جي ناڪاري اثرن کي منهن ڏئي رهيون آهن، جن تي سندن اختيار ناهي. هن عالمي مالياتي نظام ۾ ترقي کي مرڪزي مقصد جي حيثيت سان بحال ڪرڻ، بريٽن ووڊز ادارن کي وڌيڪ نمائنده ۽ ميمبر ملڪن جي ضرورت لاءِ وڌيڪ موثر بڻائڻ ۽ ترقي کي هٿي وٺائڻ تي ڌيان عالمي مالياتي نظام جي جوڙجڪ جي 24 جون ٽي ترجيحون قرار ڏنو ۽ انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل قدمن ۽ ڪوششن جي ضرورت تي زور ڀريو. نائيجيريا جي قيادت جي تعريف ڪندي ناڻي واري وزير وڌيڪ جامع، مستحڪم ۽ ترقي تي ٻڌل عالمي معاشي نظام جي قيام لاءِ ميمبر ملڪن ۽ لاڳاپيل ادارن وچ ۾ تعاون جي اهميت تي زور ڀريو.










