آبادياتي تبديلي کي انساني وسيلن جي بهتر ترقي ۽ روزگار جي وڌيڪ موقعن ۾ تبديل ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي: سينيٽر محمد اورنگزيب

بنڪاڪ- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته بهبود آبادي جي حوالي سان وفاقي ۽ صوبائي سطح تي مربوط قدم مسلسل سياسي عزم ۽ پيمائش جوڳا نتيجا بنيادي اهميت رکن ٿا. آبادياتي تبديلي کي انساني وسيلن جي بهتر ترقي ۽ روزگار جي وڌيڪ موقعن ۾ تبديل ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. هن اها ڳالهه اڱاري تي بينڪاڪ ۾ آءِ ايم …

بنڪاڪ- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته بهبود آبادي جي حوالي سان وفاقي ۽ صوبائي سطح تي مربوط قدم مسلسل سياسي عزم ۽ پيمائش جوڳا نتيجا بنيادي اهميت رکن ٿا. آبادياتي تبديلي کي انساني وسيلن جي بهتر ترقي ۽ روزگار جي وڌيڪ موقعن ۾ تبديل ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. هن اها ڳالهه اڱاري تي بينڪاڪ ۾ آءِ ايم ايف ۽ عالمي بئنڪ جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ورلڊ بئنڪ جي انتظام هيٺ آبادياتي تبديلي کي انساني وسيلن جي ترقي ۽ روزگار جي موقعن ۾ تبديل ڪرڻ جي موضوع تي منعقد گول ميز اجلاس کي خطاب ڪندي چئي. ناڻي واري وزير پاڪستان ۾ آبادي ۾ تيز رفتار اضافي ۽ ان جا صحت، تعليم ۽روزگار تي اثرن کي منهن ڏيڻ جي فوري ضرورت تي زور ڀريو. انڊونيشيا، بنگلاديش ۽ ايران جي تجربن جو حوالو ڏيندي هن عورتن جي تعليم، افرادي قوت ۾ انهن جي شموليت ۽ ٻارن جي پيدائش ۾ مناسب وقفي بابت آگاهي لاءِ مذهبي اڳواڻن سان رابطن کي اهم ترجيحون قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ ان حوالي سان قدم کنيا پيا وڃن. هن وزيراعظم جي سربراهي ۾ قومي آبادي ڪائونسل جي قيام جو ذڪر ڪندي وفاقي ۽ صوبائي سطح تي مربوط قدمن، مسلسل سياسي عزم ۽ پيمائش جوڳن نتيجن جي اهميت تي زور ڀريو ته مختلف ادارن پاران ڌار ڌار کنيل قدمن کي هڪ جامع حڪمت عملي تحت گڏ ڪري ۽ آبادياتي تبديلي کي انساني وسيلن جي بهتر ترقي ۽ روزگار جي وڌيڪ موقعن ۾ تبديل ڪري سگهجي. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان آبادي ۾ اضافي سان حاصل ٿيندڙ امڪاني معاشي فائدن مان ان صورت ۾ ڀرپور فائدو کڻي سگهي ٿو، جڏهن هنرمند افرادي قوت جي تياري ۽ نجي شعبي جي قيادت ۾ روزگار پيدا ڪندڙ معاشي ترقي کي هٿي وٺائي وڃي. هن فري لانسنگ، آءِ ٽي بابت خدمتن ۽ ڊجيٽل مهارتن کي نوجوانن جي آمدني ۽ روانگي واپار ۾ اضافي جا اهم موقعا قرار ڏنو ۽ آبادي، صحت، تعليم ۽ روزگار جي شعبن ۾ مربوط حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.

مزید خبریں