اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته پاڪستان مالي وسيلا حاصل ڪرڻ وارن ذريعن کي متنوع بڻائڻ جو سلسلو جاري رکندو، ان سلسلي ۾ چين جي ڪرنسي يوآن ۾ وڌيڪ بانڊز جاري ڪرڻ ۽ جاپاني مارڪيٽ مان سمورائي بانڊز ذريعي فنڊز حاصل ڪرڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي. هن اها ڳالهه بينڪاڪ ۾ عالمي بئنڪ ۽ عالمي …
مالي وسيلا حاصل ڪرڻ وارا ذريعا متنوع بڻائڻ جو سلسلو جاري، پانڊا ۽ سمورائي بانڊز ذريعي فنڊز حاصل ڪرڻ تي غور ٿي رهيو آهي: سينيٽر محمد اورنگزيب

مزید خبریں
اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته پاڪستان مالي وسيلا حاصل ڪرڻ وارن ذريعن کي متنوع بڻائڻ جو سلسلو جاري رکندو، ان سلسلي ۾ چين جي ڪرنسي يوآن ۾ وڌيڪ بانڊز جاري ڪرڻ ۽ جاپاني مارڪيٽ مان سمورائي بانڊز ذريعي فنڊز حاصل ڪرڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي. هن اها ڳالهه بينڪاڪ ۾ عالمي بئنڪ ۽ عالمي مالياتي فنڊ جي سالياني اجلاس جي موقعي تي جاپاني رسالي ”نڪي ايشيا“ کي انٽرويو ڏيندي چئي. ناڻي واري وزير چيو ته تازو پانڊا بانڊا جاري ڪرڻ رڳو هڪ مرتبي جو قدم ناهي پر پاڪستان چين جي ڪيپيٽل مارڪيٽ ۾ ٻيهر به ايندو ۽ مستقبل ۾ مسلسل بانڊز جاري ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو ڇاڪاڻ ته چين دنيا جي ٻين وڏي ۽ گهري ڪيپيٽل مارڪيٽ آهي جنهن مان فائدو کڻڻ جا وسيع امڪان موجود آهن. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان پنهنجي پرڏيهي قرضن جي ڳاڻيٽي ۾ اضافو ڪرڻ نٿو چاهي تنهن هوندي به فنڊز حاصل ڪرڻ وارن ذريعن کي وڌيڪ متنوع بڻائڻ جي امڪانن جو جائزو وٺي رهيو آهي، جن ۾ جاپاني ڪرنسي ين ۾ سمورائي بانڊز جاري ڪرڻ به شامل آهي. سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته سمورائي بانڊز جاري ڪرڻ پاڪستان لاءِ موزون ثابت ٿي سگهي ٿو ۽ ان امڪان تي سنجيدگي سان غور ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته ان سلسلي ۾ وڌيڪ تياري ۽ تحقيق جي ضرورت آهي. ناڻي واري وزير چيو ته قومي ٽيرف پاليسي تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو ۽ اها پاليسي صرف آٽو موبائل جي شعبي تائين محدود ناهي پر سمورن صنعتن بابت آهي. هن چيو ته ماضي ۾ حڪومت صنعتن کي تحفظ فراهم ڪيو، جڏهن ته ان تحفظ جي خاتمي لاءِ ڪو به وقت مقرر نه ڪيو ويو هو، اها حڪمت عملي پاڪستان لاءِ موثر ثابت نه ٿي هاڻي حڪومت جو مقصد مقامي صنعت کي چٽاڀيٽي لائق بڻائڻ آهي، قومي ٽيرف پاليسي سان روانگي واپار ۾ اضافي ۾ مدد ملي سگهي ٿي. خاص ڪري ڪچي مال ۽ وچولي درجي جي مصنوعات جي روانگي واپار کي هٿي وٺائي سگهجي ٿي. ناڻي واري وزير ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن جي تنظيم آسيان جو مثال ڏيندي چيو ته هن خطي جي ملڪن 1990ع جي ڏهاڪي جي آخر ۾ آمدني واپار تي محصول گهٽ ڪيو، جنهن سان کين مختلف شعبن ۾ فائدا حاصل ٿيا. پاڪستان لاءِ به اهو ڏکڻ اوڀر ايشيا جي طرز تي معاشي ترقي ۽ صنعتي چٽاڀيٽي جي نئين دور جي شروعات ثابت ٿي سگهي ٿو. سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان سمورن چيني آٽوموبائيل ڪمپنين جي آجيان ڪري ٿو. ناڻي واري وزير چيوته آءِ ايم ايف پروگرام جي حوالي سان پاڪستان جي پوزيشن مستحڪم آهي ۽ ان سان عالمي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسين ۽ سيڙپڪارن سان ڳالهين ۾ به مدد ملي رهي آهي، موجوده پروگرام ۾ ڍانچه جاتي سڌارن جي ايجنڊا شامل آهي جنهن جو مقصد ملڪي معيشت کي پائيدار بنياد تي گامزن ڪرڻ آهي. هن جو چوڻ هو ته پاڪستان ان وقت آءِ ايم ايف جي مدد مان نڪري سگهي ٿو جڏهن دنيا کي يقين ٿي ويندو ته هاڻي پاڪستان کي فوري مالي مدد جي لاءِ آءِ ايم ايف سان رجوع ڪرڻ جي ضرورت ناهي رهي.











