اسلام آباد-16 جولاءِ (اي پي پي) آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه سان ڪوريا جي ناظم الامور پاڪ جي لارڪ ملاقات ڪئي. انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب ملاقات دوران مملڪتي وزير چيو ته اسان نوجوان نسل کي ڊجيٽل دنيا جي گهرجن موجب تيار ڪرڻ لاءِ ڀرپور سيڙپڪاري ڪري رهيا آهيون، ڊجيٽل پاڪستان ويزن وزيراعظم جي اولين ترجيح آهي، ان موقعي تي پارڪ جي لارڪ ٻڌايو ته ڪوريا پاڪستان سان اسٽريٽجڪ ڊجيٽل شراڪتداري جو خواهشمند آهي.