ترڪيه جي ترقي اسان جو رول ماڊل آهي، ترڪ عوام اسان جي دلين جي انتهائي ويجهو آهي: عبدالعليم خان

اسلام آباد-15 جولاءِ (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته ترڪيه هڪ عظيم قوم آهي، سندن ترقي رول ماڊل جي حيثيت رکي ٿي ۽ ترڪيه جو عوام اسان جي دلين جي انتهائي ويجهو آهي. اهڙو اظهار هن ترڪيه جي 15 جولاءِ 2016ع جي يوم جمهوريه ۽ يڪجهتي جي حوالي سان ترڪيه جي سفارتخاني ۾ رٿيل تقريب کي مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. ترڪيه جي سفارتخاني …

اسلام آباد-15 جولاءِ (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته ترڪيه هڪ عظيم قوم آهي، سندن ترقي رول ماڊل جي حيثيت رکي ٿي ۽ ترڪيه جو عوام اسان جي دلين جي انتهائي ويجهو آهي. اهڙو اظهار هن ترڪيه جي 15 جولاءِ 2016ع جي يوم جمهوريه ۽ يڪجهتي جي حوالي سان ترڪيه جي سفارتخاني ۾ رٿيل تقريب کي مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. ترڪيه جي سفارتخاني ان تقريب جو اهتمام ڪيو جنهن ۾ وفاقي وزير عبدالعليم خان خاص مهمان هو، جڏهن ته پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير ڊاڪٽر نذير اوگلو ۽ اهم سفارتي شخصيتن شرڪت ڪئي. ترڪيه ۽ پاڪستان جي جهنڊن ۽ ٻنهي ملڪن جي قومي ترانن سان تقريب جي شروعات ٿي، جڏهن ته خاص مهمان عبدالعليم خان ۽ شرڪت ڪندڙن بيهي 9 سال اڳ شهيد ٿيلن لاءِ هڪ منٽن جي خاموشي اختيار ڪئي. وفاقي وزير چيو ته ترڪيه هڪ عظيم قوم آهي، سندن ترقي رول ماڊل جي حيثيت رکي ٿي ۽ ترڪيه جو عوام اسان جي دلين جي انتهائي ويجهو آهي. هن چيو ته پاڪستان جا ترڪيه سان ناتا انتهائي مضبوط هئا، آهن ۽ انشاءَ الله هميشه رهندا. عبدالعليم خان ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان جي قيادت کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته جڏهن به ترڪيه وڃون ٿا کيس دلي خوشي محسوس ٿيندي آهي. وفاقي وزير چيو ته ٻئي ملڪ گڏيل سهڪار، واپار ۽ ترقيءَ جي معاهدن ۾ ٻَڌل آهن ۽ ترڪيه ۽ پاڪستان جو اتحاد خطي جي امن، ترقي ۽ خوشحالي جي ضمانت آهي. عبدالعليم خان ٻُڌايو ته استحڪام پاڪستان پارٽي طرفان رٿيل تازن اجتماعن ۾ پاڪستاني عوام پنهنجي قومي جهنڊن سان گڏوگڏ ترڪيه جا جهنڊا به لهرايا جيڪو ان ملڪ سان شاندار وابستگيءَ جو اظهار آهي. تقريب ۾ پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير پنهنجي خطاب ۾ 2016ع ۾ ترڪيه ۾ شهيد ٿيلن کي شاندار لفظن ۾ خراجِ عقيدت پيش ڪيو. ڊاڪٽر عرفان نذير اوگلو ٻنهي ملڪن وچ ۾ گهري دوستي ۽ ڀائراڻن ناتن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪندي وفاقي وزير جي آمد تي آجيان ڪئي.

مزید خبریں