شيان – 15 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻُڌڻ ۽ ڏِسڻ جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ هڪ اهم معاهدو طئي ٿيو آهي. پاڪستان حڪومت پاران اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان ۽ چين پاران وائيس منسٽر ۽ نيشنل ريڊيو اينڊ ٽيليويزن ايدمنسٽريشن (اين آر ٽي اي) جي ”پارٽي گروپ“ جي ميمبر ڊونگ شن ان معاهدي تي صحيحون ڪيون جنهن …
پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻُڌڻ ۽ ڏِسڻ جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ لاءِ هڪ اهم معاهدي تي صحيحون

مزید خبریں
شيان – 15 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻُڌڻ ۽ ڏِسڻ جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ هڪ اهم معاهدو طئي ٿيو آهي. پاڪستان حڪومت پاران اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان ۽ چين پاران وائيس منسٽر ۽ نيشنل ريڊيو اينڊ ٽيليويزن ايدمنسٽريشن (اين آر ٽي اي) جي ”پارٽي گروپ“ جي ميمبر ڊونگ شن ان معاهدي تي صحيحون ڪيون جنهن جو مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ نشريات ۽ ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ آهي. جاري بيان موجب اهو معاهدو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا تعاون کي وڌائڻ ۽ بدلجندڙ نشرياتي ۽ ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي شعبن ۾ مهارت جي مٽاسٽا جي لاءِ گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. معاهدي جو مقصد پاڪستاني ۽ چيني ميڊيا ادارن جي وچ ۾ مٽاسٽا ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ آهي ته جيئن گڏيل منصوبن، مواد جي مٽاسٽا، صلاحيتن ۾ اضافي ۽ گڏيل تفهيم کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هڪ مضبوط فريم ورڪ قائم ڪري سگهجي.











