اسلام آباد-15 جولاءِ (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران پنجاب، اسلام آباد، خيبر پختونخوا، ڪشمير ۾ اڪثر هنڌن تي جڏهن ته اتر اوڀر/ڏکڻ بلوچستان، ڏکڻ اوڀر/ مٿانهين سنڌ ۽ گلگت بلتستان ڪٿي ڪٿي تيز هوائن/ طوفان ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. ان دوران پنجاب، اسلام آباد، مٿانهين خيبر پختونخوا، ڪشمير ۽ اتر اوڀر بلوچستان ۾ ڪٿي ڪٿي تيز برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 …
اسلام آباد، پنجاب، خيبر پختونخوا، ڪشمير ۾ اڪثر هنڌن ۽ بلوچستان ۾ ڪٿي ڪٿي برسات جو امڪان آهي: موسميات کاتو

مزید خبریں
اسلام آباد-15 جولاءِ (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران پنجاب، اسلام آباد، خيبر پختونخوا، ڪشمير ۾ اڪثر هنڌن تي جڏهن ته اتر اوڀر/ڏکڻ بلوچستان، ڏکڻ اوڀر/ مٿانهين سنڌ ۽ گلگت بلتستان ڪٿي ڪٿي تيز هوائن/ طوفان ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. ان دوران پنجاب، اسلام آباد، مٿانهين خيبر پختونخوا، ڪشمير ۽ اتر اوڀر بلوچستان ۾ ڪٿي ڪٿي تيز برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران پنجاب، سنڌ، اسلام آباد، گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ خيبر پختونخوا ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات پئي، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي تيز برسات ٿي. ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهي. اڱاري ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد دالبندين ۾ 43، تربت ۽ نوڪنڊي ۾ 42 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. موسميات کاتي تنبيه جاري ڪندي چيو آهي ته اڄ(رات)کان 17 جولاءِ دوران تيز برسات سبب ڊي جي خان، اتر اوڀر/ مٿانهين پنجاب، اسلام آباد، راولپنڊي، اتر اوڀر بلوچستان، ڪشمير، چترال، دير، سوات، شانگله، مانسهره، مري، گليات، ڪوهستان، ايبٽ آباد، بونير، صوابي، نوشهره، مردان جي مقامي/ برستي ندي نالن ۾ چاڙهه جو خدشو آهي. شديد برسات سبب خيبر پختونخوا، مري، گليات ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ لينڊ سلائيڊنگ سب ٽريفڪ جي اچ وڃ متاثر ٿيڻ جو خطرو آهي. شديد برساتن سبب گوجرانواله، لاهور، سيالڪوٽ، سرگوڌا، فيصل آباد، ملتان، خانيوال، ساهيوال، لوڌران، مظفر ڳڙهه، ڪوٽ ادو، تونسه، راجڻ پور، بهاولپور، نوشهره، پشاور، اسلام آباد/ راولپنڊي جي هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو انديشو آهي. عوام کي احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.











