اليڪشن ڪميشن پاران اين اي 175 ڊيره غازي خان مان آزاد ميمبر جمشيد احمد دستي کي جعلي ڊگري تي نا اهل قرار

اسلام آباد-15 جولاءِ (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن، اين اي 175 ڊيره غازي خان مان آزاد ميمبر جمشيد احمد دستي کي جعلي ڊگري تي نا اهل قرار ڏئي ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن مان جاري 27 صفحن تي ٻڌل ان فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي تعليمي بورڊ جي رپورٽ مطابق جمشيد احمد ولد سلطان محمود جي نالي سان رڪارڊ ۾ ڪو به تفصيل موجود ناهي. ان سان گڏوگڏ مظفر ڳڙهه …

اسلام آباد-15 جولاءِ (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن، اين اي 175 ڊيره غازي خان مان آزاد ميمبر جمشيد احمد دستي کي جعلي ڊگري تي نا اهل قرار ڏئي ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن مان جاري 27 صفحن تي ٻڌل ان فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي تعليمي بورڊ جي رپورٽ مطابق جمشيد احمد ولد سلطان محمود جي نالي سان رڪارڊ ۾ ڪو به تفصيل موجود ناهي. ان سان گڏوگڏ مظفر ڳڙهه موضع جيسن وائن ۾ 194 ڪنال 19 مرله جي ملڪيت جيڪا 2021ع ۾ 4 ڪروڙ 75 لک رپين ۾ خريد ڪئي، جنهن جو ذڪر نامزدگي ڪاغذن ۾ نه ڪيو ويو. انهن ثبوتن جي روشني ۾ جمشيد احمد دستي کي آئين جي آرٽيڪل 62 ون جي ذيلي شق ڊي ۽ ايف ۽ آرٽيڪل 63 ون جي ذيلي شق پي ۽ چونڊ قانون 2017ع تحت نا اهل قرار ڏيندي اها سيٽ خالي قرار ڏني وئي آهي.

مزید خبریں