راولپنڊي-15 جولاءِ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان انڊونيشيا جي دفاع واري وزير ليفٽيننٽ جنرل (ر) سيافري سمسودين وفد سان گڏ جنرل هيڊڪوارٽرز ۾ ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر مطابق ملاقات دوران ڌرين ٻه طرفي دفاعي سهڪار، علائقائي سلامتي جي صورتحال ۽ فوجي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي طريقن تي ڳالهيون ڪيون. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ پراڻن دوستي وارن ۽ سهڪار تي ٻڌل لاڳاپن جي ضرورت تي زور ڀريو ويو. فيلڊ مارشل خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ لاءِ گڏيل سهڪار جي اهميت کي اجاگر ڪيو. انڊونيشيا جي دفاع واري وزير دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي ڪردار کي ساراهيو ۽ پاڪستان سان دفاعي لاڳاپن کي وڌائڻ لاءِ انڊونيشيا جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ انڊونيشيا جي دفاع واري وزير سان گڏ مختلف سروسز ۽ ڳجهن ادارن جا نمائندا به شريڪ هئا.