گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي جي ايران جي سپريم ليڊر جي عالمي معاملن بابت صلاحڪار سان ملاقات

تهران-15 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي عالمي معاملن بابت صلاحڪار ڊاڪٽر علي اڪبر ولايتي سان ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن، پاڪ- ايران ناتن ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گهرو وزارت طرفان جاري بيان موجب سپريم ليڊر جي صلاحڪار سان ملاقات دوران ايران- اسرائيل جنگبندي کانپوءِ خطي جي موجوده …

تهران-15 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي عالمي معاملن بابت صلاحڪار ڊاڪٽر علي اڪبر ولايتي سان ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن، پاڪ- ايران ناتن ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گهرو وزارت طرفان جاري بيان موجب سپريم ليڊر جي صلاحڪار سان ملاقات دوران ايران- اسرائيل جنگبندي کانپوءِ خطي جي موجوده صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. گهرو وزير پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت طرفان ايراني سپريم ليڊر لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. گهرو وزير چيو ته جنگ هجي يا امن پاڪستان ۽ ايران هر موقعي تي هڪٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن. محسن نقوي چيو ته دشمن پاڪ- ايران ناتن ۾ ڪو خلل نٿا وِجهي سگهن. پاڪستان ۾ ايران جي سفير رضا اميري مقدم ۽ سينيئر سفارتڪار به ان موقعي تي موجود هئا. واضح رهي ته ڊاڪٽر علي اڪبر ولايتي ايران جو اڳوڻو پرڏيهي وزير ۽ سينيئر سفارتڪار رهي چڪو آهي.

مزید خبریں