ڪشميري 13 جُولاءِ تي شهداءِ ڪشمير ڏهاڙو ملهائيندا

اسلام آباد -12 جولاءِ (اي پي پي) ڪنٽرول لائين جي ٻنهي پاسي پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري 13 جولاءِ 1931ع جي شهيدن ۽ ٻين سمورن ڪشميري شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ شهداءِ ڪشمير ڏهاڙو ملهائيندا. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق آچر تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ مڪمل هڙتال ڪئي ويندي ۽ سري نگر جي نقشبند صاحب ۾ واقع شهيدن جي قبرستان ڏانهن مارچ …

اسلام آباد -12 جولاءِ (اي پي پي) ڪنٽرول لائين جي ٻنهي پاسي پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري 13 جولاءِ 1931ع جي شهيدن ۽ ٻين سمورن ڪشميري شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ شهداءِ ڪشمير ڏهاڙو ملهائيندا. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق آچر تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ مڪمل هڙتال ڪئي ويندي ۽ سري نگر جي نقشبند صاحب ۾ واقع شهيدن جي قبرستان ڏانهن مارچ ڪيو ويندو جتي 13 جولاءِ جا شهيد دفن آهن. هڙتال ۽ مارچ جو سڏ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڏنو آهي، جڏهن ته سمورن آزادي پسند تنظيمن ۽ اڳواڻن انهن جي حمايت ڪئي آهي. حريت ڪانفرنس سرينگر ۾ جاري بيان ۾ ڪشميرين تي زور ڀريو ته هو هڙتال ۽ مارچ کي ڪامياب بڻائين ته جيئن ڀارت سان گڏوگڏ عالمي برادري کي اهو واضح پيغام ڏئي سگهجي ته ڪشميري ڀارتي قبضي کان آزادي تائين پنهنجي شهيدن جي عظيم مشن کي جاري رکندا، شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ آزاد ڪشمير، پاڪستان ۽ دنيا جي سمورن وڏن گادي وارن شهرن ۾ ريليون، سيمينارز ۽ ڪانفرنسز منعقد ڪيون وينديون. ياد رهي ته ڊوگره مهاراجه هري سنگهه جي فوجين 13 جولاءِ 1931ع تي 22 ڪشميرين کي گوليون هڻي شهيد ڪري ڇڏيو.

مزید خبریں