پاڪستان هڪ مستحڪم ۽ تعاون تي ٻڌل ايشيا پيسفڪ جي جوڙجڪ ۾ آسيان جي مرڪزي ڪردار کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو: اسحاق ڊار

ڪوالالمپور/ اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان هڪ مستحڪم ۽ تعاون تي ٻڌل ايشيا پيسفڪ جي جوڙجڪ ۾ آسيان جي مرڪزي ڪردار کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان هڪ سيڪٽرل ڊائيلاگ پارٽنر ۽ اي آر ايف جي ميمبر جي طور تي آسيان جي انضمام، پائيداري ۽ امن جي اسٽريٽجڪ هدفن جي لاءِ …

ڪوالالمپور/ اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان هڪ مستحڪم ۽ تعاون تي ٻڌل ايشيا پيسفڪ جي جوڙجڪ ۾ آسيان جي مرڪزي ڪردار کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان هڪ سيڪٽرل ڊائيلاگ پارٽنر ۽ اي آر ايف جي ميمبر جي طور تي آسيان جي انضمام، پائيداري ۽ امن جي اسٽريٽجڪ هدفن جي لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوالالمپور ۾ آسيان ريجنل فورم جي 32هين وزارتي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اي آر ايف اعتماد سازي ۽ لائقائي مڪالمي جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم آهي، پاڪستان 2025ع کانپوءِ جو ايڪشن پلان تيار ڪرڻ جي لاءِ آسيان جي قدمن جي آجيان ڪري ٿو، اميد ڪريون ٿا ته نئون منصوبو غيرروايتي سلامتي جي خطرن جهڙوڪ موسمياتي تبديلي، وبائي مرض، سائبر خطرن، ميري ٽائيم سيڪيورٽي ۽ آفتن جي ردعمل کي ترجيح ڏيندو. هن چيو ته 46هين آسيان سربراهي اجلاس جي ڪاميابي سان ميزباني ڪرڻ تي ملائيشيا کي پڻ مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. نائب وزيراعظم چيو ته اسان جو پنهنجو خطو ڏکڻ ايشيا غير حل ٿيل تڪرارن سان واڳيل سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي، ان ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار سرفهرست آهي جيڪل علائقائي عدم استحڪام جو مرڪز آهي. هن چيو ته پاڪستان مسلسل ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب منصفاڻي ۽ پرامن حل ڪرڻ جي وڪالت ڪئي آهي. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته 22 اپريل 2025ع تي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پهلگام ۾ پيش ايندڙ واقعي کانپوءِ ڀارت بنا ڪنهن تصديق ٿيل ثبوت يا جاچ جي پاڪستان تي الزام هنيو، 26 اپريل تي پاڪستان غيرجانبداراڻي جاچ جي تجويز پيش ڪئي، ڀارت ان بدران جارحيت جي چونڊ ڪئي ۽ 7 مئي تي اشتعال انگيز حملو ڪيو جنهن ۾ عام شهري ماريا ويا ۽ بنيادي ڍانچي کي نقصان پهتو. هن چيو ته پاڪستان جواب ۾ گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 تحت پنهنجي دفاع جو حق استعمال ڪيو، 7 ۽ 10 مئي تي اسان جي ايئر فورس ۽ فوجي ردعمل تحمل ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪندي رڳو فضائيه ۽ فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو. هن چيو ته پاڪستان جي ردعمل جي رهنمائي ان جي خودمختياري کي برقرار رکڻ ۽ جارحيت کي روڪڻ جي لاءِ ضروري هو، هڪ نام نهاد ”نئين معمول“ جو غيرقانوني تصور جنهن جو بنياد ڇوٽ، هڪطرفي پسندي ۽ طاقت جي استعمال تي رکيو ويو آهي، نه ته قابل اعتبار ۽ نه ئي قابل قبول آهي. هن چيو ته واحد جائز اصول اهو آهي جنهن جون پاڙون گڏيل احترام، گڏيل پرامن بقاءَ ۽ عالمي قانون جي بنيادي اصولن تي عمل پيرا هجن. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان پنهنجي دفاع جي حق موجب عزم ۽ ذميواري سان مستقبل جي ڪنهن به جارحيت جو جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو. هن چيو ته ڀارت جو سنڌ پاڻي معاهدي کي هڪطرفي طور تي روڪڻ جو تازو فيصلو ان جي عالمي واعدن جي خلاف ورزي کي وڌيڪ واضح ڪري ٿو، معاهدي ۾ ڪنهن به هڪطرفي ڪارروائي جي ڪا شق نه آهي، ڀارت جي قدمن سان سنڌ طاس تي دارومدار ڪندڙ لکين ماڻهن کي خطرو آهي ۽ اها عالمي اصولن جي خلاف ورزي آهي، عالمي برادري کي اهڙي رويي جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺڻ گهرجي جيڪو عالمي قانوني نظام کي نقصان پهچائي ٿو. هن چيو ته اسان ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جنگبندي کي برقرار رکيو آهي، اسان ان جي لاڳو جي لاءِ پرعزم آهيون ۽ عالمي حصيدارن جي ڪردار کي ساراهيون ٿا جن جنگبندي ۾ سهولت فراهم ڪئي. هن چيو ته اسان ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن حل ۾ مدد جي لاءِ انهن جي آڇ جي پڻ آجيان ڪريون ٿا، پاڪستان عالمي برادري تي زور ڏي ٿو ته اها ڪشمير مسئلو پرامن حل ۽ ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي حاصل ڪرڻ جي حمايت ڪري. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف عالمي جنگ ۾ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن. ان جدوجهد ۾ اسان 80000 کان وڌيڪ قيمتي جانين جون زيان ٿيو ۽ 150 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو اقتصادي نقصان برداشت ڪيو. نائب وزيراعظم چيو ته اسان سرحدي ڪنٽرول، سائبر نگراني ۽ انٽيليجنس ڪوآرڊينيشن کي بهتر بڻايو آهي، دهشتگردي جي بنيادي سببن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي جن ۾ غربت، ناانصافي، قبضي ۽ خوداراديت کان انڪار شامل آهي. هن چيو ته پاڪستان سرحد پار دهشتگردي جو نشانو بڻيل آهي، اسان پاڪستان جي خلاف سرگرم دهشتگرد گروپن جي ٻاهرئين حمايت جو تفصيلي ثبوتن سان گڏ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي هڪ ڊوزيئر پيش ڪيو آهي. نائب وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خاتمي جي بيانيي کي پوري ڪميونٽيز خاص طور تي مسلمانن کي بدنام ڪرڻ جي لاءِ هڪ پريشان ڪندڙ رجحان آهي، جڏهن اهڙي طرح جي بيانيي کي رياستي اسلام فوبڪ پاليسين سان ڳنڍيو وڃي ٿو ته ان جو نتيجو بنيادي حقن جي پائمالي ۽ لاپرواهي ۽ بنياد پرستي ۾ اضافو ٿئي ٿو، اهڙي طرزعمل جي بنا ڪنهن شڪ جي مذمت ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته تازن مهينن ۾ پاڪستان افغانستان سان لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن جن ۾ منهنجو 19 اپريل جو ڪابل جو دورو ۽ 20 مئي تي بيجنگ ۾ چين – پاڪستان – افغانستان ٽه ڌريو اجلاس شامل آهي، اسان سمجهون ٿا ته هڪ پرامن، مستحڪم، متحد ۽ خوشحال افغانستان اسان جي اهم مفاد ۾ آهي. هن چيو ته اها اسان جي جائز اميد آهي ته افغان عبوري حڪومت ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ تمام ضروري قدم کڻندي ته افغانستان جي سرزمين ڪنهن به رياست خاص طور تي پاڪستان جي خلاف دهشتگردي جي لاءِ استعمال نه ٿئي. هن چيو ته پاڪستان ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگبندي جي آجيان ڪري ٿو، وسيع تر تڪرارن کان بچڻ جي لاءِ ايران جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، 13 جون تي ان بحران جي شروع ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان پنهنجي خودمختياري جي تحفظ ۽ پنهنجي دفاع جي ايران جي حق جي وڪالت ڪئي آهي، اسان کي اميد آهي ته ايران جي ائٽمي مسئلي کي ڏاڍ بدران سفارتڪاري ۽ ڳالهه ٻولهه جي ذريعي حل ڪيو ويندو. هن چيو ته فلسطيني علائقن تي جاري اسرائيلي جارحيت اسان جي لاءِ وڏي پريشاني جو سبب آهي، وچ اوڀر ۾ تڪرارن جو بنيادي سبب فلسطيني علائقن تي مسلسل قبضو آهي، اسرائيلي جارحيت کي ختم ڪرڻ، انساني همدرديءَ جي بنا رڪاوٽ پهچ کي يقيني بڻائڻ ۽ غيرقانوني طور تي قابض طاقت کي ان جي ظلمن جي لاءِ جوابده بڻائڻ جي لاءِ فوري عالمي ڪارروائي لازمي آهي. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته اسان فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق ۽ هڪ آزاد، قابل عمل ۽ متصل فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ ۽ اصولي حمايت جو ورجاءُ ڪريون ٿا جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. هن چيو ته پاڪستان ڏکڻ چين سمنڊ تي علائقائي امن ۽ ڳالهه ٻولهه جي سمورين ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو، اسان ايشيا پيسفڪ جي سمورين رياستن سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا ۽ ان ڳالهه تي زور ڏيون ٿا ته تڪرارن کي سفارتڪاري جي ذريعي گڏيل احترام سان حل ڪيو وڃي. هن چيو ته ان اهم خطي ۾ امن جي لاءِ عدم مداخلت، تحمل ۽ مشغوليت جي ضرورت آهي، پاڪستان عوامي جمهوريه چين کي تائيوان تي واحد قانوني اختيار تسليم ڪندي ”ون چائنا پاليسي“ جي لاءِ پنهنجي مضبوط حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو. هن چيو ته ٻين اسرندڙ رياستن وانگر پاڪستان کي به يوڪرين جي تڪرار جي نتيجي ۾ اڻ سڌي طرح نتيجا، وڌندڙ خوراڪ ۽ توانائي جو عدم تحفظ درپيش آهي، اسان گڏيل قومن جي چارٽر ۽ ڳالهه ٻولهه جي بنياد تي ان تڪرار جي فوري طور تي ڳالهه ٻولهه جي ذريعي حل جي اميد رکون ٿا. نائب وزيراعظم چيو ته موسمياتي تبديلي هڪ وجودي خطرو آهي جيڪو پاڪستان جهڙين اسرندڙ قومن کي غيرمتناسب طور تي متاثر ڪري رهي آهي، ٻوڏ کان سوڪهڙي تائين اسان کي محدود وسيلن سان بار بار ايندڙ آفتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي قومي سطح تي طئي ٿيل حصيداري کي اپ ڊيٽ ڪيو آهي ۽ مضبوط خاتمي ۽ ٺهڪندڙ حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي پر موسمياتي انصاف جي گهرج آهي ته ترقي يافته ملڪ موسمياتي ماليات، ٽيڪنالاجي تائين پهچ ۽ صلاحيت سازي جي لاءِ پنهنجي واعدن کي پورو ڪن. هن چيو ته اسان رڳو عالمي يڪجهتي جي ذريعي ئي موسمياتي تباهي کي روڪي سگهون ٿا.

مزید خبریں