پشاور-11 جولاءِ (اي پي پي) ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي. گورنر هائوس پشاور مان جاري بيان موجب اڳوڻو وزيراعليٰ اڪرم خان دراني، اڳوڻو وفاقي وزير خورشيد شاهه، سيد طاهر علي شاهه، اڳوڻو وفاقي وزير مولانا اسد محمود، اڳوڻو ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني، ڪي پي ڪي ۾ جي يو آءِ (ف) جا …
ڪي پي ڪي گورنر جي مولانا فضل الرحمان سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات

مزید خبریں
پشاور-11 جولاءِ (اي پي پي) ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي. گورنر هائوس پشاور مان جاري بيان موجب اڳوڻو وزيراعليٰ اڪرم خان دراني، اڳوڻو وفاقي وزير خورشيد شاهه، سيد طاهر علي شاهه، اڳوڻو وفاقي وزير مولانا اسد محمود، اڳوڻو ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني، ڪي پي ڪي ۾ جي يو آءِ (ف) جا اڳواڻ مولانا لطف الرحمان، صاحبزاده اسجد محمود به ان موقعي تي موجود هئا. ملاقات ۾ ڪي پي ڪي جي سياسي صورتحال، سينيٽ چونڊن ۾ گڏيل حڪمت عملي، صوبي ۾ امن امان جي خراب صورتحال، ڪرپشن، بدعنوانين سميت صوبائي حقن ۽ ضم ٿيل ضلعن جي رهواسين ۾ موجود محرومي واري احساس تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.











