اسلام آباد-11 جولاءِ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته بندرگاهي حڪمت عمليءَ کي نجي شعبي جي ضرورتن سان هم آهنگ ڪرڻ ضروري آهي. وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري سان ايف پي سي سي آءِ جي وفد ملاقات ڪئي. ان دوران وزارت ۽ ايف پي سي سي آءِ وچ ۾ گڏيل مشاورتي فورم قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات دوران ڳالهائيندي …
بندرگاهي حڪمت عمليءَ کي نجي شعبي جي ضرورتن سان هم آهنگ ڪرڻ ضروري آهي: جنيد انوار چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-11 جولاءِ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته بندرگاهي حڪمت عمليءَ کي نجي شعبي جي ضرورتن سان هم آهنگ ڪرڻ ضروري آهي. وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري سان ايف پي سي سي آءِ جي وفد ملاقات ڪئي. ان دوران وزارت ۽ ايف پي سي سي آءِ وچ ۾ گڏيل مشاورتي فورم قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات دوران ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته بندرگاهي حڪمت عمليءَ کي نجي شعبي جي ضرورتن سان هم آهنگ ڪرڻ ضروري آهي. سي پيڪ تحت لاجسٽڪ راهدارين ۾ نجي شعبي جو اهم ڪردار آهي. ڪراچي، گوادر ۽ پورٽ قاسم جي جديد ڪاري حڪومت جي اولين ترجيح آهي. ڊجيٽل بندرگاهون ۽ گرين پورٽ منصوبا عملي نتيجا ڏئي رهيا آهن. جهاز سازي، سامونڊي سياحت ۽ ماهگيريءَ ۾ سيڙپڪاريءَ جا موقعا موجود آهن. هن چيو ته ڪي پي ٽي ۾ ڪارگو ۽ ڪنٽينر هينڊلنگ جو نئون رڪارڊ ساراهه جوڳو آهي. سامونڊي معيشت کي هٿي ڏئي قومي واپاري صلاحيت وڌائي رهيا آهيون.











