اسلام آباد ۾ عالمي معيار جي انفراسٽرڪچر سان ماحول تي به ڪم ڪيو پيو وڃي: مملڪتي وزير طلال چوڌري

اسلام آباد-11 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير چوڌري طلال چوڌري وفاقي گاديءَ واري هنڌ ۾ وهيڪل اميشن ٽيسٽنگ مهم جو باقائده افتتاح ڪري ڇڏيو. اسلام آباد ٽرانسپورٽ اٿارٽي جي ٽيم جديد اوزارن سان مملڪتي وزير جي گاڏيءَ جو معائنو ڪيو. اسلام آباد ٽرانسپورٽ اٿارٽي پاران جاري بيان ۾ اسلام آباد ۾ وزيراعظم ۽ گهرو وزارت جي هدايت تي ضلعي انتظاميه جي شعبن ۾ سڌارن جو عمل …

اسلام آباد-11 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير چوڌري طلال چوڌري وفاقي گاديءَ واري هنڌ ۾ وهيڪل اميشن ٽيسٽنگ مهم جو باقائده افتتاح ڪري ڇڏيو. اسلام آباد ٽرانسپورٽ اٿارٽي جي ٽيم جديد اوزارن سان مملڪتي وزير جي گاڏيءَ جو معائنو ڪيو. اسلام آباد ٽرانسپورٽ اٿارٽي پاران جاري بيان ۾ اسلام آباد ۾ وزيراعظم ۽ گهرو وزارت جي هدايت تي ضلعي انتظاميه جي شعبن ۾ سڌارن جو عمل جاري آهي. طلال چوڌري چيو ته اسلام آباد ۾ عالمي معيار جي انفراسٽرڪچر سان ماحول تي به ڪم ڪيو پيو وڃي. طلال چوڌري چيو ته ڪجهه سالن کان اسلام آباد جو ايئر ڪوائلٽي انڊيڪس وڌي رهيو هو ۽ ايئر ڪوائلٽي انڊيڪس 200 تائين پهچڻ شروع ٿي ويو هو. هن چيو ته اسلام آباد وهيڪل انسپيڪشن جي شروعات ڪئي آهي. ٽيسٽنگ لاءِ اسان عالمي معيار جا اوزار گُهرايا آهن. طلال چوڌري چيو ته پنجاب حڪومت پنهنجي ٽرينڊ ٽيم موڪلي ان جو ٿورو مڃون ٿا. هن چيو ته ڊي سي اسلام آباد عرفان نواز ميمڻ پنهنجي گهر کان ٽيسٽنگ جي شروعات ڪئي آهي. مملڪتي وزير چيو ته پاس ٿيندڙ گاڏين تي بار ڪوڊ لڳايا ويندا، اسلام آباد ۾ زگ زيگ ٽيڪنالاجي کان علاوه ڪوبه ڀٽن جو ڪم نه ٿي رهيو آهي جيڪي ڀٽا گدلاڻ جو سبب هئا اهي بند ڪيا ويا آهن. مملڪتي وزير چيو ته ماحول کي سڀ کان وڌيڪ نقصان گاڏين جي دونهين مان ٿئي ٿو، اسلام آباد ۾ هاڻ دونهون ڇڏيندڙ گاڏين جي داخلا نه هوندي. هن چيو ته دونهون ڇڏيندڙ گاڏين تي ڏنڊ لڳايو ويندو. هن چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ جو ٿورو مڃون ٿا جنهن پنهنجي ٽيم موڪلي آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ هندستان جي پراڪسي آپريٽ ٿي رهي آهي، فتنه الهندستان جا ماڻهو هاڻ سافٽ ٽارگيٽ تي حملا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته نفرت پکيڙڻ لاءِ چيو وڃي ٿو ته پنجابيءَ کي ماريو آهي جڏهن ته هي افسوسناڪ واقعو انسانيت جي قتل جو معاملو آهي.

مزید خبریں