سيويلا-02 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان پائيدار ترقيءَ جي 2030ع ايجنڊا کي حاصل ڪرڻ لاءِ نتيجو ڏيندڙ، شفاف ۽ جامع ڀائيواريءَ لاءِ پُرعزم آهي. وفاقي وزير محمد اورنگزيب اسپين جي شهر سيويلا ۾ رٿيل فنانسنگ فار ڊولپمينٽ بابت چوٿين عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي ۽ گهڻ ڌُري گول ميز اجلاس کي خطاب ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ هن عالمي ترقياتي سهڪار کي اثرائتو بنائڻ، مالياتي نظام ۾ سڌارن ۽ پائيدار ترقيءَ جي هدفن (ايس جي ڊيز) کي حاصل ڪرڻ لاءِ فوري عملي قدمن جي ضرورت تي زور ڀريو. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان پائيدار ترقيءَ جي 2030ع ايجنڊا کي حاصل ڪرڻ لاءِ نتيجو ڏيندڙ، شفاف ۽ جامع ڀائيواريءَ لاءِ پُرعزم آهي، اُسرندڙ ملڪن کي مالياتي پهچ ۾ آساني، خاص ڪري بلينڊڊ فنانس جا موقعا وڌائڻ جي سخت ضرورت آهي. هن عالمي برادريءَ تي زور ڀريو ته هاڻي صرف وعدن تي ڀاڙي نٿو سگهجي پر عملدرآمد لاءِ فوري ٺوس ۽ اثرائتن قدمن جي ضرورت آهي. هن ترقياتي سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٽي نُڪاتي حڪمتِ عملي پڻ پيش ڪئي. هن زور ڀريو ته ملڪي ترجيحن کي اڳيان رکڻ، ترقياتي منصوبا مقامي ضرورتن ۽ ترجيحن موجب ترتيب ڏنا وڃن، آسان ۽ بلينڊڊ فنانس تائين پهچ، نرم شرطن ۽ گڏيل مالياتي ماڊلز کي هٿي ڏني وڃي. نتيجن تي ٻَڌل ڀائيواري ۽ ترقياتي سهڪار کي قابلِ پيمائش ۽ نتيجو ڏيندڙ بنايو وڃي. ناڻي واري وزير عالمي مالياتي نظام ۾ سڌارن، ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسين جي ڪردار تي نظرثاني ۽ نجي سيڙپڪاريءَ کي متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو. هن چيو ته ترقياتي حڪمت عملين ۾ موسمياتي لچڪ، صفني مساوات ۽ ڊجيٽل شموليت جهڙن پهلوئن کي به مربوط ڪرڻ اڻٽر ٿي ويو آهي. وفاقي وزير تجويز ڏني ته سيويلا هدفن جي عملي لاڳو ڪرڻ لاءِ هڪ عالمي سطح جو ڊليوري مڪينزم ۽ ٽاسڪ فورس قائم ڪئي وڃي جيڪو پائيدار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ رهنمائي، تعاون ۽ شفاف نگرانيءَ کي يقيني بنائي. هن چيو ته اسان کي ترقياتي تعاون جي موجوده فريم ورڪ کي نئين سر ترتيب ڏيڻو پوندو ته جيئن عالمي برادري حقيقي تبديلي جي سفر تي گامزن ٿي سگهي. هن عالمي برادريءَ کي اپيل ڪئي ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان وعدن کان اڳتي وڌي عمل طرف اچون. ناڻي واري وزير ترقياتي منصوبن ۾ ملڪي ترجيحن کي اڳيان رکڻ تي زور ڀريندي چيو ته اُسرندڙ ملڪن لاءِ آسان ۽ بلينڊڊ فنانس تائين پهچ وڌائڻ جي ضرورت آهي. ناڻي واري وزير نجي سيڙپڪاريءَ کي متحرڪ ڪرڻ، عالمي مالياتي نظام ۾ سڌارن ۽ ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسين جي ڪردار تي نظرثاني جي ضرورت جو ذڪر پڻ ڪيو.