اسلام آباد-01 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته اسلام آباد پوليس جديد فني جاچ ۽ تيز ڪارروائيءَ جو استعمال ڪندي سردار فهيم جي هاءِ پروفائل قتل ڪيس سميت قتل جي ڪيترن ئي ڪيسن جو ڪاميابيءَ سان پتو لڳايو، ماڻهن جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي ترجيح آهي، ڏوهن جي شرح گهٽ ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهيا آهيون، اسلام آباد پوليس ايمانداري سان ڏوهن جي خاتمي لاءِ ڪوشان آهي. آءِ جي اسلام آباد سيد علي ناصر رضوي سميت ٻين سينيئر پوليس آفيسرن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مملڪتي وزير چيو ته آءِ جي اسلام آباد ۽ سندس ٽيم جي ذميداري ۽ فرض آهي ته هو ماڻهن جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪن. هن چيو ته گذريل ڪجهه مهينن ۾ ڪيس سامهون آيا آهن، ان مان هڪ ڪيس سردار فهيم جي قتل جو هو جيڪو هڪ ڳجهو معاملو هو. ان واقعي سان نه صرف ماڻهو پريشان ٿيا پر اهو هڪ انتهائي افسوسناڪ واقعو هو پر اسان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خاص طور تي اسلام آباد پوليس ايمانداري ۽ پيشيوراڻي مهارت سان ان ڳجهي معاملي جو پتو لڳايو، 100 سيڪڙو ان جا نتيجا آيا آهن، اهو به تعريف لائق آهي. سردار فهيم واقعي ۾ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن بهترين ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندي گذريل رات ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو، ان واقعي ۾ ڊي آءِ جي، ايس ايس پي انويسٽيگيشن، آپريشنز ۽ ڊي ايس پي سي آءِ اي، ايس پي سٽي ۽ سندس پوري ٽيم اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته سردار فهيم جو قتل پهريون ڪيس ناهي پر ان کان پهرين اسلامي يونيورسٽي جي 22 سالن جي شاگردياڻي ايمان، 17 سالن جي ثنا يوسف، هڪ پرڏيهي عورت جو جنسي زيادتي وارو ڪيس، 3 سالن جي ٻار جي اغوا، ٻن عورتن جو ٿاڻي لوئي ڀير ۾ قتل ڪيس، حمزه خان قتل ڪيس ۽ اهڙيءَ طرح اشتياق احمد عباس قتل ڪيس، انهن سڀني ڳجهن ڪيسن کي جهڙيءَ طرح پروفيشنل طريقي ٽريس ڪيو ويو، ان ۾ ڪيترن ئي ڪيسن کي 24 ڪلاڪ اندر به حل ڪيو ويو، جهڙوڪ 17 سالن جي ثنا يوسف جو قتل جن ۾ 2 ڏوهاري پڪڙيا ويا. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي آءِ جي اسلام آباد تفصيل ٻُڌائيندي چيو ته سردار فهيم قتل ڪيس اسان لاءِ هڪ وڏو ٽيسٽ ڪيس هو، سردار فهيم کي جهڙيءَ طرح بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو ۽ ان جي گهر جو سامان پکڙيل هو ان ڪري اسان لاءِ ضروري هو ته ان ڪيس کي صحيح طريقي سان منتقي انجام تائين پهچايو وڃي. هن ٻُڌايو ته اسان جي آفيسرن جي پيشيوراڻي مهارت ۽ ذميداريءَ جي احساس عيوض هرهڪ ڪيس کي حل ڪيو ويو جنهن جا 100 سيڪڙو نتيجا آيا آهن. هن چيو ته سردار فهيم قتل خاص طور تي هڪ مُنجهيل ۽ پريشان ڪندڙ چئلينج هو، 25 جون جي رات فهيم پنهنجي گهران مُڙده حالت ۾ مليو، هر طرف سامان پکڙيل هو، شاهديون پکڙيل هيون ۽ مقصد واضح نه هو، سي سي ٽي وي فوٽيج مان ڪو نتيجو نه نڪتو. هن چيو ته ڊي آءِ جي جواد قمر هڪ وڏي آپريشن جي قيادت ڪئي جنهن ۾ 11 پروفيشنل ٽيمون شامل هيون، ايس ايس پي انويسٽيگيشن عثمان 6 ٽيمن جي چارج سنڀالي، ايس ايس پي آپريشنز شعيب 5 ٽيمن جي قيادت ئي، ٽيمن ۾ ماهرن، تجربيڪار جاچ ڪندڙ، انٽيليجنس آفيسرن، ايستائين جو مقامي ڄاڻ رکندڙ ٽريفڪ اهلڪار به شامل هئا. ڊي ايس پي سلمان شاهه جي سربراهيءَ ۾ سي آءِ اي جو يونٽ به متحرڪ ٿي ويو. هن چيو ته پهرين واقعي واري هنڌ کي محفوظ بنائڻو هو، ان کان پوءِ هڪ جامع جاچ سامهون آئي جيڪا اسلام آباد ۽ راولپنڊي، اٽڪ، پشاور کان اڳتي ڦهليل هئي. جاچ ڪندڙ واري هنڌ ويجهو تعمير هيٺ عمارت جو معائنو ڪيو، گهريلو عملي کان پُڇا ڳاڇا ڪئي ۽ ڀرپاسي جي مزدورن ۽ ملازمن جي ڏوهن جي رڪارڊ جو جائزو ورتو ويو. هن جديد ترين ڊجيٽل ٽولز جو استعمال ڪندي ڪم ڪيو، مجموعي طور تي سي سي ٽي وي 271 فيڊرز جو جائزو ورتو ويو ۽ 29 جاين تي جيو فينسنگ ڪئي وئي، 4100 کان وڌيڪ فون ڪالز رڪارڊ جو تجزيو ڪيو ويو. 57 شڪي ماڻهن کان سڌيءَ ريت پُڇا ڪئي وئي ۽ اڊيالا، ڪوٽ لکپت ۽ ڪيمپ جيل سميت پنجاب جي مختلف جيلن ۾ 200 کان وڌيڪ ناليوارن ڏوهارين کان ڪراس چيڪ ڪيو ويو. ايڪسٽريم ايج جهڙي انٽيليجنس سافٽ ويئر ذريعي جمع ڪيل ڊيٽا ۽ عباس جهڙي آءِ ٽي ماهر جي ڪوششن جي بنياد تي 9 ٽارگٽڊ ڇاپا هنيا ويا. گاديءَ واري هنڌ کان اٽڪل 350 ڪلوميٽر پري گوجرانوالا، سرگوڌا ۽ چنيوٽ ۾ هڪ ئي وقت ڪارروايون ڪيون ويون ۽ ٻنهي ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو. قتل واري رات ٻئي ڏوهاري ڦر جي نيت سان سردار فهيم جي گهر ۾ داخل ٿيا، فهيم جي مداخلت تي کيس ڏنڊا هنيا ويا ۽ بعد ۾ کيس ٻَڌي تشدد جو نشانو بنايو ويو، ڏوهارين ڀڄڻ کان پهرين گهر ۾ ٽوڙ ڦوڙ به ڪئي، اهو ڪيس ڳجهو بڻيل هو، جيڪو اسلام آباد پوليس جي اڻٿڪ ۽ مربوط ڪوششن سان حل ٿيو.