روم/ اسلام آباد -01 جولاءِ (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين گڏيل قومن جي خوراڪ ۽ زراعت واري اداري جي 44 هين ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پاڪستان جي پائيدار، موسمياتي لحاظ کان محفوظ ۽ جامع زرعي غذائي نظام قائم ڪرڻ جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي جيڪو نه رڳو قومي سطح تي پر خوراڪ جي تحفظ کي يقيني بنائي ته جيئن بک، غذائي کوٽ ۽ غربت جي خاتمي جي عالمي قدمن ۾ پڻ مددگار ثابت ٿئي. هن چيو ته پاڪستان زرعي شعبي کي جديد رخن تي آڻڻ لاءِ وڏي پئماني تي قومي سڌارا آڻي رهيو آهي. انهن سڌارن ۾ خوراڪ جي معيار ۽ تحفظ جي اصولن کي بهتر بڻائڻ، زرعي جدت کي هٿي ڏيڻ، فصلن جي واڌ ويجهه جي همٿ افزائي ۽ ننڍن آبادگارن کي بااختيار بڻائڻ شامل آهي. وفاقي وزير چيو ته اهي قدم هڪ مضبوط، منصفاڻي ۽ متوازن غذائي نظام جوڙڻ لاءِ کنيا پيا وڃن. جيڪي غذائيت ۾ بهتري، روزگار جا موقعا، ۽ ڊگهي مدي واري خوراڪ جي تحفظ کي يقيني بڻائيندا. عالمي تناظر تي ڳالهائيندي وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته خوراڪ جو تحفظ ۽ ماحولياتي پائيداري اهڙا عالمي چئلينج آهن جن کي منهن ڏيڻ لاءِ اجتماعي ڪوششون گهربل آهن. هن چيو ته پاڪستان زرعي ترقياتي حڪمت عملي ۾ عالمي سهڪار کي اهم حيثيت ڏئي ٿو. پاڪستان علم جي مٽاسٽآ، بهترين عالمي طريقن سان سکيا ۽ گڏيل تجربن مان فائدو کڻندي عالمي زرعي نظم و ضبط ۽ پائيداري جي قدمن ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿو. هن ايف اي او ڪائونسل جي نئين چيئرمين ۽ نائب چيئرز جي چونڊ ۾ پاڪستان جي فعال شرڪت جو به ذڪر ڪيو. هن نئين چونڊيل قيادت کي مبارڪون ڏيندي ان يقين جو اظهار ڪيو ته نئون چيئرمين ميمبر ملڪن وچ ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ، گورننگ باڊيز سان گڏ رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۽ ڪائونسل کي وقت جي گهرجن مطابق اثرائتو رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن ان ڳالهه جو به ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ايف اي او جي حڪمراني واري عمل جي ڀرپور حمايت جاري رکندو ۽ ان جي ايجنڊا ۾ تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو. وفاقي وزير ايف اي او ۽ ٻين عالمي ترقياتي شراڪتدارن سان مسلسل سهڪار جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته پاڪستان پاليسي سڌارن، ادارن جي صلاحيت ۾ اضافي ۽ موسمياتي هڪجهڙائي رکندڙ زرعي حڪمت عملي ذريعي غذائي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. آخر ۾ وفاقي وزير عالمي برادري تي زور ڀريو ته هو خوراڪ جي نظام کي درپيش وڌندڙ چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ سهڪار ۽ يڪجهتي کي مضبوط ڪري. هن چيو ته گڏيل ڪوششن سان اهڙا زرعي ۽ غذائي نظام جوڙي سگهجن ٿا جيڪي نه رڳو اثرائتا ۽ پيداواري هوندا پر منصفاڻه، پائيدار ۽ ايندڙ نسلن لاءِ به محفوظ هجن.