اسلام آباد -01 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت ۾ وزيراعظم جي شوگر جي روڪٿام ۽ ڪنٽرول واري پروگرام جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ صحت واري وزارت، صوبائي نمائندن ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. وفاقي وزير احسن اقبال اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ان منصوبي جو مقصد ملڪ جي 3 ڪروڙ 30 لک آبادي کي شگر کان بچاءَ ۽ آگاهي فراهم ڪرڻ آهي. انهن پنجن سالن واري منصوبي جي مجموعي لاڳت 6.8 ملين ڊالرز آهي ۽ هي 2029ع ۾ مڪمل ٿيندو. احسن اقبال افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان انهن 3 ملڪن ۾ شامل آهي جتي شوگر تيزي سان پکڙجي رهي آهي. هن چيو ته اسان ايٽمي طاقت ته بڻجي وياسين پر صحت جي ميدان ۾ بدترين صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهيون. هن نشاندهي ڪئي ته پاڪستان ٽي بي سبب متاثر 5 ۽ پوليو سبب متاثر 3 ملڪن ۾ شامل آهي، جيڪو ڪنهن ايٽمي ملڪ لاءِ سٺو سنئوڻ ۽ فخر جوڳو عمل ناهي. وفاقي وزير زور ڀريو ته شوگر سمورين بيمارين جي جڙ آهي ۽ اڏوهي وانگر جسم کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي. هن چيو ته پاڪستان کي هڪ جامع نيشنل ايڪشن پلان جي ضرورت آهي، جيڪو سمورن صوبن جي مشاورت سان جوڙيو وڃي ته جيئن هڪ اثرائتي ۽ مربوط حڪمت عملي اختيار ڪري سگهجي. احسن اقبال چيو ته سمورا صوبا انفرادي سطح تي قدم کڻي رهيا آهن. پر هڪ مربوط قومي ڪوشش جي کوٽ آهي. وفاق ۽ صوبا گڏجي بهترين طريقيڪار کي گڏ ڪن ۽ شوگر کان بچاءَ لاءِ گڏيل قدم کڻن. صحت واري وزارت اجلاس کي ٻڌايو ته حڪومت شوگر خلاف ملڪ گير ميڊيا مهم شروع ڪئي آهي، جنهن جا 4 اهم جزا آگاهي، بچاءُ، ڪنٽرول ۽ علاج هوندا. مهم ۾ هيلٿ ورڪرز جي تربيت، مريضن جي رجسٽري جي تياري ۽ يونيورسٽين سان شراڪتداري شامل آهي. وزارت آگاهه ڪيو ته مهم جي لاڳو ڪرڻ لاءِ ايجنسين جي شارٽ لسٽنگ جو عمل جاري آهي. هلندڙ مالي سال ۾ 3000 ملين روپيا رکيا ويا آهن جڏهن ته ايندڙ مالي سال لاءِ 800 ملين روپيا رکيا ويا آهن. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته شوگر سان لاڳاپيل قومي مشاورتي اجلاس (اڄ) ٿيندو، جنهن ۾ صوبن سان گڏجي فنانسنگ تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون وينديون.