اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سوات درياءَ ۾ ٻوڏ ريلي جي ڪري قيمتي انساني جانين جي زيان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي فوت ٿيندڙن جي پونيئرن سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. گهرو وزير چيو ته افسوسناڪ واقعي تي دلي افسوس ۽ ڏک ٿيو آهي. محسن نقوي چيو ته ڏکويل خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن چيو ته اسان سوڳوار خاندان سان گڏ بيٺل آهيون ۽ اسان جون سموريون همدرديون فوت ٿيندڙن جي پونيئرن سان گڏ آهن.