اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان معاملن ۽ رياستي سرحدي علائقي واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام سوات درياءَ ۾ سياحن جي ٻڏي وڃڻ جي واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته اهو دل ڏکوئيندڙ سانحو پوري قوم جي لاءِ فڪر جو لمحو آهي، جنهن ۾ قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيون. پنهنجي بيان ۾ انجنيئر امير مقام چيو ته اهو انتهائي افسوسناڪ آهي ته ماڻهو ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين درياءَ جي وچ ۾ مدد جي انتظار ۾ ڦاٿل رهيا، پر ڪا ريسڪيو ٽيم موقعي تي نه پهچي سگهي. اهو واقعو صوبائي حڪومت جي مڪمل ناڪامي ۽ ضلعي انتظاميا جي ڏوهاري غفلت جو واضح ثبوت آهي. هن چيو ته وقت تي وارننگ جاري نه ڪرڻ، وقت سر ريسڪيو جي عدم دستيابي ۽ لاڳاپيل مشينري ۽ وسيلن جو نه هجڻ ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته عوام کي حالتن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. وفاقي وزير متاثر خاندانن سان دلي همدرديءَ ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اسان انهن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن لاڳاپيل ادارن کي فوري امدادي ڪارروايون تيز ڪرڻ ۽ متاثرين کي هر ممڪن سهولتون ۽ تعاون فراهم ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي.