اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قومي اسيمبلي ميمبرن ابرار شاهه، طاهر اقبال، صلاح الدين جوڻيجو، ڄام عبدالڪريم بجار، عبدالقادر گيلاني ۽ سردار يعقوب خان ناصر ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن وزيراعظم کي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي قومي اسيمبلي مان منظوري تي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي لاڳاپيل تڪن جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي وئي. ملاقات دوران پبلڪ افيئرز يونٽ وارو وزير راڻا مبشر اقبال، پاور وارو مملڪتي وزير عبدالرحمان ڪانجو ۽ خاص معاون طلحيٰ برڪي پڻ موجود هئا.