اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان سڀني کي گڏجي پاڪستان جي معاشي ترقي جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪرڻي آهي، سمورين اتحادي پارٽين جا ٿورائتا آهيون جن جي مشاورت سان عوامي امنگن جي ترجماني ڪندڙ بجيٽ ٺاهي، اتحادي پارٽين بجيٽ جي منظوري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو جن تي انهن جا ٿورائتا آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف بجيٽ 2025ع جي منظوري کانپوءِ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ميمبرن سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته عوام دوست بجيٽ ٺاهڻ جي لاءِ معاشي ٽيم ڏينهن رات محنت ڪئي. وزيراعظم قومي اسيمبلي ميمبرن سان ڳالهائيندي چيو ته سمورين اتحادي پارٽين جا ٿورائتا آهيون جن جي مشاورت سان عوامي امنگن جي ترجماني ڪندڙ بجيٽ ٺاهي، اتحادي پارٽين بجيٽ جي منظوري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو جن تي انهن جا ٿورائتا آهيون. وزيراعظم چيو ته اسان سڀني کي گڏجي پاڪستان جي معاشي ترقي جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪرڻي آهي، منهنجو پڪو يقين آهي ته اهو ئي مثالي اتحاد پاڪستان جي معاشي ترقي کي يقيني بڻائيندو، پاڪستان تي ڀارت جي تازي بنا جواز جارحيت ۾ الله رب العزت اسان کي شاندار فتح ڏني. وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج، پوري سياسي قيادت، عوام، سول سوسائٽي ۽ ميڊيا يڪجهتي سان دشمن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملايو، پاڪستان جي فتح سان عالمي دنيا ۾ پاڪستان جو وقار بلند ٿيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ سفارتي وفد پاڪستان جو موقف واضح ڪيو ۽ ڀارت جي پاڪستان جي حوالي سان ناپاڪ ارادن کي دنيا آڏو بي نقاب ڪيو، نه رڳو سفارتي وفد کي عالمي سطح تي ساراهيو ويو پر سمنڊ پار پاڪستانين وفد جو شاندار استقبال ڪيو ۽ پاڪستان جي سفارتي ۽ فوجي فتح تي حڪومت ۽ پاڪ فوج کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته ايران تي تازي اسرائيلي جارحيت دوران ايراني حڪومت ۽ ڀائر عوام سان هر سطح تي يڪجهتي جو اظهار ڪيو، جنگ دوران ايراني قيادت خاص طور تي صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان سان مڪمل رابطي ۾ هئس. وزيراعظم چيو ته اسرائيل ايران تڪرار جي حل سان خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جا دروازا کلندا. سينيٽ چيئرمين، وفاقي ڪابينا، سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي وڏي انگ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.