اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان مملڪتي وزير کيئل داس ڪوهستاني، مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبرن ڊاڪٽر درشن، نيلسن عظيم ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبرن رميش لال ۽ نويد عامر ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن وزيراعظم کي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي قومي اسيمبلي مان منظوري تي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ لاڳاپيل تڪن جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ پبلڪ افيئرز يونٽ وارو وزير راڻا مبشر اقبال، پاور وارو مملڪتي وزير عبدالرحمان ڪانجو ۽ خاص معاون طلحيٰ برڪي پڻ موجود هئا.