اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سوات درياءَ ۾ خوازه خيله وٽ ٻوڏ ريلي ۾ سياحن جي مارجڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مارجي ويل ماڻهن جي مغفرت ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وزيراعظم واقعي ۾ گم ٿيل ماڻهن کي جلد ڳولڻ ۽ اين ڊي ايم اي، انتظاميا ۽ ريسڪيو ادارن کي دريائن ۽ ندي نالن جي ويجهو حفاظتي تدبيرون وڌيڪ ٺوس بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم سوات ۾ ٻوڏ ريلي جي نتيجي ۾ ڦاٿل سياحن کي ريسڪيو ڪرڻ تي اين ڊي ايم اي، انتظاميا ۽ ريسڪيو عملدارن جي ڪوششن کي ساراهيو.